Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ مون خداوند پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي آهي، جيڪا هاڻ موٽي مياڻ ۾ نہ ويندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ سڀ انسان ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ترار کپ مان ڪڍي آهي؛ اُها وري نہ موٽندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي، جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.


تهڙيءَ ئي طرح منهنجو فرمان بہ هوندو، جيڪو منهنجي واتان ٿو نڪري. اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، بلڪ جيڪي آءٌ چاهيان ٿو سو پورو ڪندو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو، تنهن ۾ اهو ڪامياب ٿيندو.


خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.


اهو پيالو پيئارڻ وقت مون هر هڪ کي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بہ ٻڌايو تہ ”منهنجي غضب جو پيالو پيئو، مست ٿيو ۽ الٽي ڪري ڪڍو ۽ مدهوش ٿي اهڙا ڪِرو، جو جيڪا جنگ آءٌ اوهان منجھہ موڪليان ٿو تنهن سببان وري ڪڏهن بہ نہ اُٿو.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل کي هڪڙي نصيحت واري ڪهاڻي مثال طور ٻڌاءِ.


هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ اها باهہ مون خداوند ڀڙڪائي آهي، جيڪا وسامي نہ ٿي سگھي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي تلوار! تون هاڻي پنهنجي مياڻ ۾ وڃي پئُہ. آءٌ تنهنجي ڄمڻ واري هنڌ، تنهنجي وطن ۾ ئي تو کي سزا ڏيندس.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل! آهون ۽ دانهون ڪر، هائو، ڏک ۽ صدمي وچان آهون دانهون ڪر، جيئن هر ڪو تو کي ڏسي.


اي نينواہ وارؤ! توهين خداوند خلاف ڪهڙا بہ کڻي منصوبا رٿيو، پر هو توهان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏيندو، جو وري اوهان ڪر کڻي نہ سگھندا.


آءٌ پنهنجي عرش تي ويٺي اهو عهد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ پنهنجي حياتِ‌ابديءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ


انهيءَ ڏينهن آءٌ عيليءَ جي گھراڻي بابت پنهنجين سمورين چيل ڳالهين کي شروع کان وٺي آخر تائين عمل ۾ آڻيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ