Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:4 - Muslim Sindhi Bible

4 منهنجي تلوار ڏکڻ کان اتر تائين سڀني انسانن مٿان وهندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جڏهن منهنجي مرضي آهي تہ تو مان سچا توڙي شرير وڍي ڇڏيان، تڏهن منهنجي ترار ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀني انسانن تي مياڻ مان نڪرندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


اهو پيالو پيئارڻ وقت مون هر هڪ کي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بہ ٻڌايو تہ ”منهنجي غضب جو پيالو پيئو، مست ٿيو ۽ الٽي ڪري ڪڍو ۽ مدهوش ٿي اهڙا ڪِرو، جو جيڪا جنگ آءٌ اوهان منجھہ موڪليان ٿو تنهن سببان وري ڪڏهن بہ نہ اُٿو.“


يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪري انهيءَ سان مخاطب ٿيءُ ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي خلاف اڳڪٿي ڪر.


ڏکڻ واري ٻيلي کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، آءٌ تو منجھہ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جيڪا تنهنجي سڪن توڙي ساون وڻن کي بہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. ڪوبہ انهيءَ کي وسائي ڪونہ سگھندو ۽ ڏکڻ کان اتر تائين هر انسان جو منهن انهيءَ باهہ سان لهسجي ويندو.


اها تلوار انهيءَ لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ وڏو ڪوس ڪري. اها انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر چمڪي. پوءِ منهنجي پٽ يهوداہ جي شاهي لٺ ۾ ڪابہ خوشي نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ تلوار اهڙي هر ڪنهن لٺ کي حقير ٿي سمجھي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ تلوار، هائو، تلوار تکي ڪري چمڪائي ويئي آهي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهان جو ملڪ جلد ئي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو. هائو، سڄو ملڪ برباد ٿيڻ وارو آهي.


آءٌ پنهنجي عرش تي ويٺي اهو عهد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ پنهنجي حياتِ‌ابديءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ