حزقي ايل 21:32 - Muslim Sindhi Bible32 تون باهہ جو کاڄ بڻبينءَ، ۽ تنهنجو رت تنهنجي ڌرتيءَ تي ئي وهايو ويندو. پوءِ تنهنجو نالو نشان بہ نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 تون باهہ لاءِ ڪاٺين جي بجاءِ ٿيندين؛ تنهنجو رت اُنهي زمين جي وچ ۾ وهندو؛ تون وري اڳتي ياد ڪيو نہ ويندين: ڇالاءِ جو مون خداوند ائين فرمايو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“