Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:23 - Muslim Sindhi Bible

23 يروشلم وارا بابل سان کنيل قسم جي ڪري يقين نہ ڪندا تہ ڦال وجھڻ جو اهڙو نتيجو نڪرندو. پر بابل جي بادشاهہ جي تلوار کين سندن ڪيل گناهن واري راهہ ياد ڏياريندي ۽ اهي بابلين جي قبضي هيٺ اچي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ اها هنن جي لاءِ سندن نظر ۾ اجائي فال ٿيندي، جن سندن لاءِ قسم کنيا آهن: پر هو گناهہ کي ياد ٿو ڪري تہ هو پڪڙيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.


نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.


اهي چون ٿا تہ ’اسين جلد ئي وري گھرن کي اڏينداسين. هي شهر ديڳ مثل آهي ۽ اسين انهيءَ ۾ گوشت مثل آهيون. پر گھٽ ۾ گھٽ اها ديڳ اسان کي سڌي باهہ کان محفوظ رکي ٿي.‘


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل ڇو اها چوڻي دهرائيندا ٿا رهن تہ ’ڏينهن تہ گذرندا پيا وڃن ۽ ڪابہ اڳڪٿي پوري نہ ٿي ٿئي؟‘


اي حزقي‌ايل! تون يروشلم جي ماڻهن ۽ سندن اڳواڻن جي خلاف مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان جي بدڪاري ثابت ٿي آهي ۽ اوهان جي خطاڪاري ظاهر ٿي پيئي آهي. ايتري قدر جو اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا سا بدڪاري آهي ۽ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهين ڪيڏا نہ گنهگار آهيو. هائو، اوهين ڏوهاري آهيو، تنهنڪري اوهان کي قيدي بڻائي دشمنن جي حوالي ڪيو ويندو.


بني اسرائيل وري ڪڏهن بہ انهن تي نہ ڀاڙيندا. حقيقت ۾ جڏهن اهي ياد ڪندا تہ مصرين سان ڇا ڇا وهيو واپريو، تڏهن مڃيندا تہ هنن مصرين ڏانهن مدد لاءِ واجھائي وڏي بڇڙائي ڪئي هئي. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


انهن ٻنهي حالتن ۾ ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. هو پنهنجيءَ زال جي طرفان هڪ ڪلوگرام جوَن جو اٽو بہ نذر طور کڻي اچي. هو انهيءَ اٽي جي مٿان نڪي تيل پئٽي، نڪي لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها غيرت جي واسطي اناج جي قرباني آهي جيڪا گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي.


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ