Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جن مان هڪڙو رستو بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ ڏانهن ويندڙ هجي ۽ ٻيو رستو يهوداہ جي ڪوٽ واري شهر يروشلم ڏانهن ويندڙ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تون هڪڙو رستو مقرر ڪر تہ ترار بني عمون واري ربہ ۾ اچي، ۽ ٻيو ڪوٽ واري شهر يروشلم ۾ يهوداہ ڏانهن وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوڏانهن يوآب عمونين جي گاديءَ واري شهر ربہ وٽ جنگ جاري رکي ۽ شهر کي گھيرو ڪري ورتو.


پوءِ دائود انهيءَ شهر يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ جو نالو ”دائود جو شهر“ رکيائين. هن دڙي جي چوڌاري ڀت تائين انهيءَ شهر کي وڌايو.


عُزياہ يروشلم شهر ۾ ڪنڊ واري دروازي وٽ، ماٿريءَ واري دروازي وٽ ۽ ڀت جي وراڻي وٽ ٺُلهَہ ٺهرائي ڪوٽ کي مضبوط ڪيو.


پوءِ حزقياہ همت ڪري شهر جي چوڌاري واري ڀت جي انهن حصن جي مرمت ڪرائي جيڪي ڀڄي ڀري ويا هئا ۽ مٿس ٺُلهہ تعمير ڪرايائين. هن انهيءَ ڀت جي ٻاهران هڪ ٻي ڀت ٺهرائي ۽ دائود جي شهر واري هيٺاهين دڙي کي بہ مضبوط ڪرايائين. هن وڏي تعداد ۾ هر قسم جا هٿيار ۽ ڍالون بہ ٺهرايون.


تنهن کان پوءِ هن دائود جي شهر جي ڪوٽ کي وري تعمير ڪرايو جيڪو برساتي نهر وٽ جيحون چشمي جي اولهہ طرف کان وٺي عوفل ٽڪريءَ جي چوڌاري مڇيءَ واري دروازي تائين هو. هن انهيءَ ڪوٽ کي تمام اوچو ٺهرايو. هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ فوجي سالار مقرر ڪري ڇڏيا.


هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.


غير قوم جي ڪنهن بہ بادشاهہ توڙي دنيا جي ڪنهن بہ رهاڪوءَ کي اهو يقين ئي نہ ٿي آيو، تہ ڪو حملو ڪندڙ دشمن يروشلم جا دروازا ڀڃي شهر اندر گھڙي سگھندو.


آءٌ اوهان جي گاديءَ واري شهر ربہ کي اٺن جي چراگاهہ بڻائيندس ۽ اوهان جي سڄي عمون ملڪ کي رڍن جي چراگاهہ ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.


رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ