Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:17 - Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ ڪاوڙ ۾ پنهنجا هٿ هڻندس جيستائين منهنجو غضب ڍرو ٿئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 آءٌ بہ تاڙيون وڄائيندس ۽ پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! منهنجو اهو پيغام ٻڌاءِ، بلڪ تاڙيون وڄائي جنگ شروع ڪراءِ. منهنجي اها تلوار وري وري پيئي حملو ڪندي، جيڪا فتح ڪندڙ، دهشت ڏياريندڙ ۽ ماڻهن ۾ ڪوس وجھندڙ تلوار آهي.


تڏهن ملائڪ مون کي وڏي واڪي چيو تہ ”ڏس، اهي جيڪي اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن وڃن ٿا، سي انهيءَ ملڪ ۾ پهچي اهڙا تہ ڪم ڏيکاريندا جو خداوند جي ڪاوڙ ڍري ٿي ويندي.“


تنهنڪري ياد رک، تو ۾ جيڪا لٽ ڦر ۽ خونريزي ڪئي ٿي وڃي، تنهن جي ڪري آءٌ تو تي پنهنجي غضب وچان هٿ کڻندس.


تڏهن ئي منهنجو قهر تو تي ڍرو ٿيندو ۽ منهنجي غيرت ماٺي ٿيندي. ائين آءٌ ماٺ ڪندس ۽ تو تي وڌيڪ ڪاوڙ نہ ڪندس.


تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.


اها تلوار ساڄي توڙي کاٻي پاسي وڍيندي ويندي. هائو، اڳيان توڙي پٺيان جيڏانهن بہ انهيءَ جو منهن ٿيندو، قتلام ڪندي ويندي.


اسين شهر کان ٻاهر وڃي نہ ٿا سگھون، نڪي رستن تي نڪري ٿا سگھون، ڇاڪاڻ تہ دشمنن جي تلوار ۽ خوف اسان کي هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو آهي.“


گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘


پوءِ اوهان پنهنجي اڳئين بري هلت چلت، بڇڙائي، بدڪاري ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن کي ياد ڪري ڏاڍو شرمسار ۽ پشيمان ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ