Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي حزقي‌ايل! ڏک وچان آهون ۽ دانهون ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها تلوار منهنجيءَ قوم ۽ سندس سڀني اڳواڻن لاءِ ڪڍي ويئي آهي. هائو، اهي منهنجي باقي بچيل قوم وارن سان گڏ قتل ٿيڻ وارا آهن. تنهنڪري تون گوڏن تي هٿ هڻي واءِ‌ويلا ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اي آدمزاد، دانهون ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو اُها منهنجي قوم تي آئي آهي، اُها اسرائيل جي سڀني سردارن تي آهي: اُهي منهنجي قوم سان گڏ ترار جي حوالي ڪيا ويا آهن: تنهنڪري واويلا ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هر ڪنهن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويندا، ۽ همت پاڻيءَ جيان وهي ويندن.


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘


تلوار انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ جيئن قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي. هائو، اها تکي ڪئي ويئي آهي ۽ چمڪائي ويئي آهي، انهيءَ لاءِ تہ قاتل ڪوس وجھڻ لاءِ تيار رهي.


آءٌ پنهنجيءَ قوم کي آزمائي رهيو آهيان. جيڪڏهن اها تلوار يهوداہ جي شاهي گھراڻي کي حقير سمجھي ناس ڪري ڇڏي، تہ پوءِ هو ڇا ڪري سگھندا؟


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! منهنجو اهو پيغام ٻڌاءِ، بلڪ تاڙيون وڄائي جنگ شروع ڪراءِ. منهنجي اها تلوار وري وري پيئي حملو ڪندي، جيڪا فتح ڪندڙ، دهشت ڏياريندڙ ۽ ماڻهن ۾ ڪوس وجھندڙ تلوار آهي.


اي بڇڙا ۽ پليت اسرائيل جا بادشاهہ! تنهنجو ڏينهن، هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل! آهون ۽ دانهون ڪر، هائو، ڏک ۽ صدمي وچان آهون دانهون ڪر، جيئن هر ڪو تو کي ڏسي.


ڏس، اي يروشلم! بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي طاقت آهر تو منجھہ رت وهائڻ ۾ مشغول آهن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اڳڪٿي ڪندي اعلان ڪر تہ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ ’اي مصر وارؤ! روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ دهشت وارو ڏينهن اچي رهيو آهي.


پوءِ خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! پنهنجي هٿ تي هٿ هڻ ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ شوڪارو ڀري چئُہ تہ ’افسوس آهي بني اسرائيل تي جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ جنگ، ڏڪار ۽ موتمار بيماريءَ سان ماريا ويندا.‘


انهن جا هٿ ڏڪڻ لڳندا، ۽ سندن گوڏا ٿڙڪڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ مٿن دهشت ڇائنجي ويئي آهي. اهي ڏک وچان کٿا ڍڪيندا، ۽ پنهنجا مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀيئي خوار خراب ۽ ذليل ٿي ويا آهن.


هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.


اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي.


اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس، ۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس. جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن، ۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن، تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ