Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تلوار انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ جيئن قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي. هائو، اها تکي ڪئي ويئي آهي ۽ چمڪائي ويئي آهي، انهيءَ لاءِ تہ قاتل ڪوس وجھڻ لاءِ تيار رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ اُها چمڪائڻ لاءِ ڏني ويئي آهي تہ هٿ ۾ جهلجي: ترار تکي ڪئي ويئي آهي، هائو، اُها چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مردڪئيءَ کي انهيءَ سڄي ڳالهہ جي خبر پيئي تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ مٿي ۾ رک وجھي بدن تي کٿو ڍڪي شهر جي رستن تي اچي رڙيون ڪري روئڻ پٽڻ لڳو.


اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تان‌تہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“


انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين خداوند جا ڪٺل پکڙيا پيا هوندا. انهن تي ماتم ڪرڻ وارو يا کين گڏ ڪري دفنائڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


اها تلوار انهيءَ لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ وڏو ڪوس ڪري. اها انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر چمڪي. پوءِ منهنجي پٽ يهوداہ جي شاهي لٺ ۾ ڪابہ خوشي نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ تلوار اهڙي هر ڪنهن لٺ کي حقير ٿي سمجھي.


اي حزقي‌ايل! ڏک وچان آهون ۽ دانهون ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها تلوار منهنجيءَ قوم ۽ سندس سڀني اڳواڻن لاءِ ڪڍي ويئي آهي. هائو، اهي منهنجي باقي بچيل قوم وارن سان گڏ قتل ٿيڻ وارا آهن. تنهنڪري تون گوڏن تي هٿ هڻي واءِ‌ويلا ڪر.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هڪڙو نقشو ٺاهہ جنهن ۾ بابل جي بادشاهہ جو تلوار سميت ٻاهر نڪرڻ جو رستو نشان طور ڏيکار. پر اڳتي هلي انهيءَ مان ٻن رستن جي نڪرڻ جو نشان ڏيکار. هڪڙو رستو هڪڙي شهر ڏانهن وڃي ۽ ٻيو رستو ٻئي شهر ڏانهن وڃي. انهن شهرن جي نالن جون تختيون لڳل بہ ڏيکار.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ