Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 20:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پر هو مون کان باغي ٿيا ۽ منهنجي ٻڌڻ نہ گهُريائون؛ هنن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي نہ ڇڏيون، نڪي هنن مصر جا بُت ڇڏي ڏنا: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ مصر جي ملڪ ۾ هنن تي پنهنجو غصو پورو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 20:8
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.


تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


تون انهن جي مٿان پنهنجو سخت غضب نازل ڪر. شال اهي تنهنجي قهر وَ غضب سان بلڪل ئي وڪوڙجي وڃن!


پوءِ بہ هو خدا جي خلاف گناهہ ڪندا رهيا، ۽ بيابان ۾ خدا تعاليٰ جي آڏو سرڪشي ڪندا رهيا.


پوءِ هو پنهنجي ابن ڏاڏن جيان ضدي ۽ فسادي نہ ٿيندا، يعني اهڙا ماڻهو جن جون دليون ڏنگيون هيون، ۽ جيڪي پنهنجي خدا سان وفادار نہ هئا.


تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“


هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.


پر هنن منهنجي اها ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ نہ ڪو ڌيان ئي ڏنائون، اُٽلندو هو پنهنجي بڇڙي دل جي هوڏ تي هليا. اهڙيءَ طرح اهي سڌرڻ بجاءِ وڌيڪ بڇڙا ٿي ويا.


پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.


مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪيائون، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي بتن جي پوڄا کي وڌيڪ پسند ڪيو.


پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.


مون کين چيو هو تہ ’اوهان مان هر ڪو انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي اڇلائي ڇڏي جن کي اوهين چاهيو ٿا. اوهين مصر جي بتن جي پوڄا ڪرڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘


جيئن چاندي کوري ۾ پگھرندي آهي تيئن اوهين بہ يروشلم ۾ پگھري ويندا. تڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو تہ مون خداوند اوهان تي پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي.‘“


اهي مصر ۾ رهنديون هيون ۽ جڏهن اهي نوجوان ٿيون تہ هنن زناڪاري ڪئي ۽ ڪسبياڻيون بڻيون. اتي هنن پنهنجي بدن کي ٻين جي حوالي ڪيو ۽ سندن ڪنوارپڻو باقي نہ رهيو.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


هاڻي عنقريب آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي نازل ڪندس، ۽ پنهنجو غضب اوهان تي پورو ڪندس. آءٌ اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس، ۽ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي اوهان کي سزا ڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو.


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.


اها ڳالهہ اوهين هرگز نہ وسارجو تہ ڪيئن نہ اوهان خداوند پنهنجي خدا کي بيابان ۾ ڪاوڙايو، بلڪ جنهن ڏينهن کان اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا آهيو، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين اوهان خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ