جڏهن بادشاهہ آسا عزرياہ ولد عودد نبيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن جو حوصلو وڌيو. هن يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني علائقن مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي جابلو علائقي ۾ قبضي ڪيا هيا تن مان ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون. هن خداوند جي قربانگاهہ جيڪا خداوند جي هيڪل جي ورانڊي جي اڳيان هئي، تنهن جي بہ مرمت ڪرائي.