Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 20:41 - Muslim Sindhi Bible

41 جڏهن آءٌ اوهان کي غير قومن مان ڪڍي وطن آڻيندس ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ خوشبوءِ واريون قربانيون قبول ڪندس ۽ اوهان سان راضي ٿيندس. پوءِ ڌرتيءَ جي هر قوم ڏسندي تہ آءٌ ڪيڏو نہ پاڪ ۽ عظيم آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 20:41
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


اُروناہ وڌيڪ چيس تہ ”اي بادشاهہ! اهي سڀ مون اوهان بادشاهہ کي ڏيئي ڇڏيا. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل اوهان سان راضي ٿئي.“


بيشڪ قادرِمطلق خداوند عدل ڪرڻ سان پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. هائو، هن جي انصاف وارن ڪمن مان سندس پاڪائي پڌري ٿئي ٿي.


جن جن ملڪن ڏانهن مون پنهنجيءَ قوم کي هڪالي ڪڍيو آهي، تن مان باقي بچيلن کي آءٌ ئي گڏ ڪري سندن وطن ڏانهن موٽائي آڻيندس. اتي هو گھڻا ٻار ڄڻيندا ۽ تعداد ۾ وڌي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.


ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”جن ملڪن ڏانهن مون بني اسرائيل کي پنهنجي سخت غضب ۾ هڪالي ڪڍيو هوندو، تن سڀني مان آءٌ يقيناً آڻي کين گڏ ڪندس. آءٌ هنن کي هن هنڌ موٽائي وٺي ايندس ۽ کين سلامتيءَ سان آباد ڪندس.


اوهين جن جن ملڪن ۾ پکيڙيا ويا آهيو، آءٌ اوهان کي اتان ڪڍي پنهنجي ملڪ ۾ آڻيندس جيڪو وري اوهان جو ورثو ٿيندو.


جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.


تون شهر جي رهاڪن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي صيدا وارؤ! آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجو جلال ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. هائو، ان وقت ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”جن قومن ۾ بني اسرائيل ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن، تن مان جڏهن آءٌ کين آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ قومن جي روبرو هنن کان پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرائيندس. پوءِ بني اسرائيل پنهنجي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ پاڻ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ پاڻ انهن جي سار سنڀال ڪندس.


ڏسو، منهنجي ٻين رڍن ٻڪرين کي اوهان جو لتاڙيل گاهہ کائڻو ٿو پوي ۽ اوهان جو پيرن سان ڪنو ڪيل پاڻي پيئڻو ٿو پوي.


هو انهيءَ ملڪ ۾ آباد ٿيندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو ۽ جنهن ۾ سندن ابا ڏاڏا رهندا هئا. سو هو گھڻين ئي پيڙهين تائين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا. منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان بادشاهہ بہ هميشہ مٿن حڪمراني ڪندا رهندا.


تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي چڙهائي ڪري ايندين ۽ ملڪ مٿان ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندين. اهو سڀ ڪجھہ اڳتي هلي ٿيندو. اي ياجوج! آءٌ تو کي پنهنجي انهيءَ ملڪ تي چاڙهي آڻيندس، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي هر قوم تنهنجي انهن ڪمن مان ڄاڻي وٺي تہ مون خداوند ئي پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي.


اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي عظمت ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. آءٌ گھڻين قومن سان اهڙي نموني پيش ايندس جو اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.


پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربان‌گاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


انهيءَ کي ٻنهي پرن کان وٺي چيري کوليو وڃي، پر کيس ڇني ڌار نہ ڪجي. پوءِ ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.“


پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ ’جيڪي منهنجي ويجھو اچن، سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن، بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“ تڏهن هارون خاموش رهيو.


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.


انهيءَ واقعي ۾ نڪرندڙ چشمي جو نالو مريباہ پئجي ويو. انهيءَ سبب جو ان هنڌ تي بني اسرائيل خداوند جي خلاف جھڳڙو ڪيو ۽ خداوند پاڻ کي منجھن پاڪ ثابت ڪيو.


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


هائو، اسين خدا جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي،


اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙي قبول پوندڙ قرباني آهي، جنهن کي خدا پسند ٿو ڪري.


پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، خدا جو خوف رکڻ سان


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ