حزقي ايل 20:31 - Muslim Sindhi Bible31 بلڪ اڄ ڏينهن تائين اوهين بتن تي پنهنجا نذرانا پيش ڪندي ۽ پنهنجي ٻارن کي باهہ ۾ قربان ڪندي انهن ئي بتن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪندا رهيا آهيو. تڏهن بہ اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين وري بہ مون کان پڇڻ لاءِ ڇو هلي آيا آهيو؟ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible31 ۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |