Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 20:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهين جيڪي منهنجي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهيو، سي ياد رکو تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اي آدمزاد، اسرائيل جي بزرگن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان پڇڻ آيا آهيو ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين مون کان ڪجهہ پڇو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 20:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


جيڪو خدا جي شريعت جي نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي دعائن گھرڻ کان خدا نفرت ٿو ڪري.


اوهان کي ڪير ٿو چوي تہ اوهين منهنجي عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ اچي اهڙي قسم جا ڪم ڪريو؟ ائين ڪري منهنجي مقدس هيڪل جي بي‌حرمتي نہ ڪريو.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


بيشڪ اهي اهڙي قوم جو ڏيکاءُ ڪن ٿا جيڪا سچائيءَ وارا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي شريعت کان منهن نہ ٿي موڙي. اهي روز بروز منهنجي عبادت ڪندا رهن ٿا، ۽ دعويٰ ٿا ڪن تہ ’اسين خداوند جي رستن کي ڄاڻڻ چاهيون ٿا، اسين کانئس سچائيءَ وارا حڪم طلب ڪريون ٿا، ۽ سندس عبادت ڪرڻ ۾ خوش ٿيون ٿا.‘


تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن مان ڪي خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ مون وٽ آيا.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ


بلڪ اڄ ڏينهن تائين اوهين بتن تي پنهنجا نذرانا پيش ڪندي ۽ پنهنجي ٻارن کي باهہ ۾ قربان ڪندي انهن ئي بتن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪندا رهيا آهيو. تڏهن بہ اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين وري بہ مون کان پڇڻ لاءِ ڇو هلي آيا آهيو؟ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘“


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! في‌الحال تہ تنهنجي قوم جا ماڻهو جڏهن شهر جي گھٽين ۾ يا پنهنجي گھرن جي دروازن وٽ گڏجن ٿا تہ تنهنجي باري ۾ ٿا ڳالهائين. اهي هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’هلو تہ حزقي‌ايل کان هلي پڇون تہ اڄ خداوند ڇا فرمايو آهي.‘


تڏهن اهي کاري سمنڊ کان ڀونوچ سمنڊ تائين، بلڪ اتر کان ڏکڻ تائين، مون خداوند جي فرمان جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندا وتندا پر کانئن ڪين لڀندو.


سو اي غيبدانو ۽ فالون وجھندڙؤ! هاڻ اوهين پنهنجي ناڪاميءَ سبب ذليل ۽ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي طرفان اوهان جي منٿن جو ڪو جواب نہ ملندو.“


يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


ماڻهن جا جيڪي ميڙ يحيٰ کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


خدا روح آهي، سو اهو ضروري آهي تہ عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس عبادت ڪن.“


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ