Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 20:26 - Muslim Sindhi Bible

26 مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي فضول قربانيون ڪندا رهن، جن ۾ سندن پهريتن پٽن کي باهہ ۾ قربان ڪرڻ بہ شامل هو، تان‌تہ آءٌ هنن کي برباد ڪري ڇڏيان، پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 20:26
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اٽلندو هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو. جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي عمل ڪندي هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو.


هنن پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئر قربانيءَ طور باهہ ۾ ساڙي ڇڏيون ۽ فالن ۽ جادوگرين کان ڪم ورتائون. هنن پاڻ کي اهڙن ڪمن جي حوالي ڪيو جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ اهڙيءَ طرح هن کي ڪاوڙايائون.


هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو. هو جادو ڪندو هو ۽ فالون وجھندو هو. هن ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واسطا پڻ رکيا. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


هن هنوم ماٿريءَ ۾ غير معبودن واسطي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي هلي پنهنجي پٽن کي ساڙڻ واريءَ قربانيءَ طور پيش ڪيائين.


هن پنهنجي پٽن کي هنوم ماٿريءَ ۾ باهہ ۾ قربان ڪيو. هو فالون وجھندو هو، جادو ۽ ٽوٽڪا ڪندو هو ۽ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واهپو رکيو هئائين. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


تڏهن جيڪو بہ پهريتو پٽ پيٽ مان نڪري سو اوهين خداوند لاءِ ڌار ڪجو. اوهان جي چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا خداوند جا ٿيندا.


اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


آءٌ اوهان جي هن شهر تي اوهان جا جاني دشمن موڪليندس جن جي گھيري ۾ تنگ اچي اوهان بک وچان هڪٻئي جو بلڪ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جو بہ گوشت کائيندا.‘


هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“


هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي جڳهہ تي هنن پوڄا جون جايون ٺاهيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ اتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي قرباني پيش ڪن. پر مون کين اهڙو ڪوبہ حڪم نہ ڏنو هو ۽ نہ ئي وري منهنجي ڌيان ۾ ڪا اهڙي ڳالهہ هئي.


انهيءَ کان علاوہ مون هنن لاءِ پنهنجي سبت جا ڏينهن بہ مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اهي منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهن، تان‌تہ هو ڄاڻي وٺن تہ اهو آءٌ ئي خداوند آهيان جنهن کين پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي.


اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘


تنهنڪري هاڻي تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڇو اوهين بہ پنهنجي ابن ڏاڏن واري راهہ تي هلندي پاڻ کي گنهگار ڪيو آهي؟ ڇو هنن جي ڪراهت جهڙن ڪمن پٺيان لڳي اوهين بہ بدڪار بڻجي ويا آهيو؟


بلڪ اڄ ڏينهن تائين اوهين بتن تي پنهنجا نذرانا پيش ڪندي ۽ پنهنجي ٻارن کي باهہ ۾ قربان ڪندي انهن ئي بتن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪندا رهيا آهيو. تڏهن بہ اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين وري بہ مون کان پڇڻ لاءِ ڇو هلي آيا آهيو؟ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘“


هنن زناڪاري ۽ خونريزي ڪئي آهي. زناڪاري اها جو هنن پنهنجي بتن جي پوڄا ڪئي آهي ۽ خونريزي اها تہ هنن مون مان ڄڻيل ٻارن کي پنهنجي بتن آڏو قربان ڪيو، تہ جيئن نذراني طور کاڌا وڃن.


سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ماڻهو قتل ڪيا ويندا ۽ جيڪي باقي بچندا سي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.


ڇاڪاڻ تہ شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”هر ڪو پهريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ