حزقي ايل 20:24 - Muslim Sindhi Bible24 مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 ڇالاءِ جو هنن منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، پر منهنجا قانون رد ڪري ڇڏيائون، ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ۽ هنن جون اکيون سندن ابن ڏاڏن جي بُتن پٺيان هيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.
هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بيحرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟