حزقي ايل 20:20 - Muslim Sindhi Bible20 اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 ۽ منهنجي سبتن کي پاڪ ڄاڻو ۽ اُهي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ نشاني ٿيندا، انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،