حزقي ايل 20:13 - Muslim Sindhi Bible13 پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.
هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بيحرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟