حزقي ايل 20:11 - Muslim Sindhi Bible11 مون انهن کي پنهنجا قاعدا قانون ٻڌايا ۽ پنهنجي حڪمن کان آگاهہ ڪيم. جيڪڏهن ڪو انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ئي جيئرو رهي سگھي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ هنن کي پنهنجا قانون ڏنم ۽ پنهنجا حڪم ٻڌايم، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.