Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن مون نهاري ڏٺو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو هٿ مون ڏانهن وڌيو ۽ ڏٺم تہ انهيءَ ۾ هڪڙو چمڙي جو ويڙهوٽو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 2:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.


سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.


تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي اڳيان رکيل ويڙهوٽو تون کائي ڇڏ، پوءِ وڃي بني اسرائيل جي ماڻهن سان ڳالهاءِ.“


هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو.


پر پوءِ هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو ۽ منهنجي ڏڪندي ڏڪندي مون کي منهنجي گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي اُٿاري ويهاريو.


تڏهن اوچتو هڪ انساني هٿ ظاهر ٿيو، جنهن جون آڱريون شمعدان جي روشنيءَ ۾ بادشاهہ جي محل جي ڀت تي گچ مٿان ڪجھہ لکڻ لڳيون. بادشاهہ انهيءَ هٿ کي لکندي ڏسي ورتو.


مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏٺم.


تڏهن هن مون کي سمجھايو تہ ”انهيءَ ويڙهوٽي ۾ لعنت لکيل آهي، جيڪا بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ واري آهي. ان ويڙهوٽي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي تہ هر چور کي تڙي ڪڍيو ويندو، جڏهن تہ ان جي ٻئي پاسي تي لکيل آهي تہ ڪوڙ تي قسم کڻڻ وارو هر هڪ ماڻهو تڙيو ويندو.


تڏهن مون چيو تہ ’اي خدا! آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان،‘ جهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام ۾ منهنجي باري ۾ لکيل آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ