Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر اي آدمزاد! جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو تون ٻڌ. تون هنن باغين وانگر باغي نہ ٿيءُ، بلڪ پنهنجو وات کول ۽ جيڪي آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون کاءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پر اي آدمزاد، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو سو تون ٻڌ؛ هن باغي گهراڻي جهڙو تون باغي نہ ٿيءُ: پنهنجو وات پَٽ ۽ جيڪي توکي ڏيان ٿو سو کاءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 2:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا اونداهيءَ کي موڪلي پورو ملڪ اونداهو ڪري ڇڏيو. پر تڏهن بہ مصرين سندس حڪم جي خلاف‌ورزي ڪئي.


جيڪي ڳالهيون خداوند خدا مون کي سيکاري ٿو، تن کان آءٌ نہ باغي ٿو ٿيان، نڪي ڀڄي پري ٿيان ٿو.


تڏهن خداوند مون يسعياہ ۾ پنهنجو طاقتور روح ڀريندي تاڪيد فرمايو تہ آءٌ بني اسرائيل قوم جي رستي تي نہ هلان. خداوند مون سان ڳالهائيندي فرمايو تہ


سو مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو پوتڙو خريد ڪري پنهنجي چيلهہ سان ٻڌي ڇڏيو.


تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن.


مون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو هو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن ڪو جلاوطنيءَ وقت ڪڍندو آهي. شام جي وقت مون پنهنجي هٿن سان ڀت ۾ سوراخ ڪڍي انهيءَ مان سامان ٻاهر کڻي رکيم ۽ سج لهڻ کان پوءِ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اهو پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي ويس.


خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”اي آدمزاد! جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان سي ڌيان سان ٻڌ ۽ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي.


هاڻي اي حزقي‌ايل! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“


تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ ’جيڪي منهنجي ويجھو اچن، سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن، بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“ تڏهن هارون خاموش رهيو.


پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.


”هارون وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو. سو جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ هو داخل نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ مريباہ جي چشمي وٽ اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ڪم ڪيو.


جيڪو ڌڻ اوهان جي حوالي ڪيو ويو آهي تنهن تي حڪم نہ هلايو، بلڪ انهيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي هڪ نمونو بڻايو.


آءٌ انهيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس عرض ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ