Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اهو آواز مون حزقي‌ايل سان مخاطب ٿيو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ تو سان ڳالهايان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ انهيءَ مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 2:1
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آءٌ سوچيان ٿو تہ انسان ڇا آهي جو تون ان جي يادگيري ڪرين؟ يا آدمزاد ڇا آهي جنهن جي تون سار سنڀار لهين؟


جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقي‌ايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.


تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي.


”اي حزقي‌ايل! آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي نبي سڏائيندڙن خلاف منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ. هائو، انهن جي خلاف اڳڪٿي ڪر، جيڪي پنهنجي دل مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿا ڪن. کين چئُہ تہ اهي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! فرض ڪر تہ ڪا قوم مون کي ڇڏي گناهہ ٿي ڪري ۽ آءٌ کين سزا ڏيندي سندن فصل تباهہ ٿو ڪريان ۽ منجھن ڏڪار ٿو موڪليان ۽ انهن جا ماڻهو توڙي جانور ماري ٿو ڇڏيان.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هنن ماڻهن بتن جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري هو وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيندا پيا وڃن. ڇا اهي اڃا بہ ائين سمجھن ٿا تہ آءٌ کين ڪو جواب ڏيندس؟


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انگورن جي ول ڪهڙي ڪم جي آهي؟ اها ٻيلي جي وڻن جي برابر تہ نہ آهي، نڪي ان جون ڏانڊيون ڪنهن وڻ جي ڪاٺ جهڙيون آهن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون يروشلم جي وسنديءَ کي ٻڌائي ڇڏ تہ انهيءَ ڪهڙا ڪهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل کي هڪڙي نصيحت واري ڪهاڻي مثال طور ٻڌاءِ.


”اي آدمزاد! آءٌ تو کي بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. هائو، آءٌ تو کي انهيءَ باغي قوم لاءِ مقرر ٿو ڪريان، جيڪا مون کان ڦري ويئي آهي. هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين منهنجي نافرماني پئي ڪئي آهي.


اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.


پر اي آدمزاد! جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو تون ٻڌ. تون هنن باغين وانگر باغي نہ ٿيءُ، بلڪ پنهنجو وات کول ۽ جيڪي آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون کاءُ.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهين جيڪي منهنجي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهيو، سي ياد رکو تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘


تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي اڳيان رکيل ويڙهوٽو تون کائي ڇڏ، پوءِ وڃي بني اسرائيل جي ماڻهن سان ڳالهاءِ.“


خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”اي آدمزاد! جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان سي ڌيان سان ٻڌ ۽ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي.


”اي آدمزاد! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


پوءِ هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون بني اسرائيل جي ماڻهن وٽ وڃ ۽ جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي چوان ٿو سي ئي وڃي انهن کي ٻڌاءِ.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انهن هڏين مان وري زندہ انسان ٺهي سگھن ٿا يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”اي خداوند خدا! اهو تون ئي ڄاڻين ٿو.“


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي سر کڻ ۽ اها پنهنجي اڳيان رک، ۽ مٿس يروشلم شهر جو نقشو ڪڍ.


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“


خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! جڏهن قربان‌گاهہ تعمير ٿي وڃي تڏهن جيڪي قاعدا قانون آءٌ کيس وقف ڪرڻ لاءِ تو کي هاڻي ٻڌايان ٿو، تن تي تون عمل ڪراءِ. تنهن کان پوءِ اها قربان‌گاهہ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ٿيڻ لاءِ ۽ قرباني ڪيل جانورن جو رت ڇٽڪارڻ لاءِ مخصوص ٿيندي.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي تکي تلوار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگر انهيءَ سان پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪوڙ. پوءِ انهن وارن کي تارازيءَ ۾ توري ٽي حصا ڪر.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهان جو ملڪ جلد ئي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو. هائو، سڄو ملڪ برباد ٿيڻ وارو آهي.


تڏهن انهيءَ هستيءَ مون کي چيو تہ ”اي دانيال، بيحد پيارا شخص! اُٿي سنئون ٿي بيهہ، آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان. سو هاڻي جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سي سمجھي وٺ.“ جڏهن هن مون کي ائين چيو تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.


پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“


تنهن تي هو وڌي انهيءَ هنڌ آيو جتي آءٌ بيٺو هئس. سندس ويجھو اچڻ تي آءٌ ڊڄي ويس ۽ منهن ڀر ڪري پيس. تڏهن هن مون کي چيو تہ ”اي آدمزاد! سمجھي ڇڏ تہ اهو رويا آخري زماني بابت آهي.“


تڏهن عيسيٰ وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“


ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.


ڏسو، خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو ٻانهو ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين.


هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ