Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 19:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ان جي هڪڙي شاخ کي باهہ لڳي، جنهن انهيءَ ول جو ميوو ۽ سڀ شاخون ساڙي ڇڏيون. جنهنڪري هاڻي انهيءَ ۾ ڪابہ مضبوط شاخ نہ رهي آهي، جيڪا حڪمرانيءَ واري شاهي لٺ بڻجي سگھي.‘“ هي اهو مرثيو آهي، جيڪو وري وري ڳايو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ ان جي ٽارين جي ڪاٺيءَ مان باهہ نڪتي آهي، جنهن اُن جو ڦر ساڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري انهي ۾ اهڙي ڪا مضبوط ڪاٺي ڪانهي جا ڪنهن بادشاهہ جي چوب ٿئي. اهو هڪڙو مرثيو آهي، ۽ مرثيي جي بجاءِ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 19:14
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.


نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.


اسان جي گناهن جي ڪري اسان جي زمين جي اپت جو گھڻو حصو انهن بادشاهن ڏانهن ٿو وڃي، جيڪي تو اسان تي مقرر ڪيا آهن. هو اسان تي ۽ اسان جي چوپائي مال تي، جيئن وڻين ٿو تيئن اختيار ٿا هلائين. سو اسين ڏاڍي مصيبت ۾ آهيون.“


سو اي منهنجا بادشاهہ! خداوند صيئون مان تنهنجي شاهي لٺ جي طاقت کي ڦهلائيندو، ۽ تون پنهنجي دشمنن تي حڪمراني ڪندين.


انهيءَ سبب جو هنن اسان بني يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ اسان جي ديس کي ويران ڪري ڇڏيو اٿائون.


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو.


ڏس، جيڪڏهن انهيءَ کي ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اڇلايو وڃي، ۽ پوءِ جڏهن باهہ انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن کي ساڙي ڇڏي ۽ انهيءَ جو وچون حصو ڪجھہ بچي وڃي، تڏهن اها ڪنهن ڪم جي لائق رهي ٿي ڇا؟


بيشڪ انهيءَ ول کي پوکيو تہ ويو آهي، پر ڇا اها سرسبز بہ رهندي؟ ڇا جھولو لڳڻ سان ئي اها بلڪل سڪي سڙي نہ ويندي؟ هائو، اها تہ پنهنجي ٻاريءَ ۾ ئي ڪومائجي ويندي.“


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! تون بني اسرائيل جي ٻن بادشاهن تي هي مرثيو ڳائيندي چئُہ تہ


ان جون شاخون ايتريون تہ مضبوط ٿيون جو انهن مان بادشاهن جي حڪمرانيءَ واريون شاهي لٺيون بڻيون. گھاٽين شاخن جي وچ ۾ انهيءَ ول جو ٿُڙ بلند ٿيو، ايتري قدر جو اها ول بلنديءَ ۽ ٽارين جي گھڻائيءَ سان نهايت اوچي ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


ڏکڻ واري ٻيلي کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، آءٌ تو منجھہ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جيڪا تنهنجي سڪن توڙي ساون وڻن کي بہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. ڪوبہ انهيءَ کي وسائي ڪونہ سگھندو ۽ ڏکڻ کان اتر تائين هر انسان جو منهن انهيءَ باهہ سان لهسجي ويندو.


هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ اها باهہ مون خداوند ڀڙڪائي آهي، جيڪا وسامي نہ ٿي سگھي.‘“


هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.


بيشڪ ٿوري وقت کان پوءِ هو ائين چوندا تہ ”اسان جو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي رهيو، ڇاڪاڻ تہ اسين خداوند کان نہ ڊناسون. پر جيڪڏهن بادشاهہ هجي بہ ها تہ بہ هو اسان جي لاءِ ڇا ڪري ها؟


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“


ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ