Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 19:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ان جون شاخون ايتريون تہ مضبوط ٿيون جو انهن مان بادشاهن جي حڪمرانيءَ واريون شاهي لٺيون بڻيون. گھاٽين شاخن جي وچ ۾ انهيءَ ول جو ٿُڙ بلند ٿيو، ايتري قدر جو اها ول بلنديءَ ۽ ٽارين جي گھڻائيءَ سان نهايت اوچي ڏسڻ ۾ ٿي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ ان جون ڪاٺيون اهڙيون مضبوط ٿيون جو بادشاهن جي چوبن جي لائق ٿيون، ۽ انهي جو قد ڪڪرن تائين وڃي پهتو، ۽ گهڻين شاخن سميت اُهي وڏيون ڏسڻ ۾ آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 19:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.


جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن.


تنهن تي هنن جيڪا اسان کي ورندي ڏني سا هيءَ آهي تہ ’اسين زمين ۽ آسمان جي خدا جا ٻانها آهيون ۽ انهيءَ ئي گھر جي وري تعمير ٿا ڪريون جيڪو اڄ کان گھڻا ئي سال اڳ بني اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ تعمير ڪرايو هو.


سو اي منهنجا بادشاهہ! خداوند صيئون مان تنهنجي شاهي لٺ جي طاقت کي ڦهلائيندو، ۽ تون پنهنجي دشمنن تي حڪمراني ڪندين.


هائو، انهيءَ ول تي پنهنجو رحم ڪر، جيڪا تنهنجي زورآور هٿ لڳائي آهي. يعني پنهنجي انهيءَ قوم تي ٻاجھہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجي لاءِ وڌائي مضبوط ڪيو آهي.


پر تون اسان تي پنهنجو هٿ رک، جن کي تو چونڊي پنهنجي خاص قوم ڪيو آهي، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم تي جنهن کي تو مضبوط ڪيو آهي.


جيئن وڻ جي وڍيل ٿُڙ مان نوان ڏار ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ اهي وڌي ڦلدار ٿيندا آهن، تيئن يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان هڪڙو نئون بادشاهہ پيدا ٿيندو.


پر غضب وچان انهيءَ ول کي پاڙان پٽي ڪڍيو ويو، ۽ کڻي زمين تي اڇلائي ويئي. جھولي ان جو ميوو سڪائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جون مضبوط شاخون ڀڄي پيون ۽ سڪي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.


ان جي هڪڙي شاخ کي باهہ لڳي، جنهن انهيءَ ول جو ميوو ۽ سڀ شاخون ساڙي ڇڏيون. جنهنڪري هاڻي انهيءَ ۾ ڪابہ مضبوط شاخ نہ رهي آهي، جيڪا حڪمرانيءَ واري شاهي لٺ بڻجي سگھي.‘“ هي اهو مرثيو آهي، جيڪو وري وري ڳايو ٿو وڃي.


اها تلوار انهيءَ لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ وڏو ڪوس ڪري. اها انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر چمڪي. پوءِ منهنجي پٽ يهوداہ جي شاهي لٺ ۾ ڪابہ خوشي نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ تلوار اهڙي هر ڪنهن لٺ کي حقير ٿي سمجھي.


آءٌ پنهنجيءَ قوم کي آزمائي رهيو آهيان. جيڪڏهن اها تلوار يهوداہ جي شاهي گھراڻي کي حقير سمجھي ناس ڪري ڇڏي، تہ پوءِ هو ڇا ڪري سگھندا؟


ڏسو، اوهين لبناني ديال جي انهيءَ وڻ وانگر آهيو جنهن جون ٽاريون تمام سهڻيون هيون، جن جي ڪري اهو ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ هو. انهيءَ جو قد ايڏو تہ وڏو هو جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان ٿي لڳي.


ڏسندي ڏسندي اهو مضبوط ٿيندو ايترو تہ وڌندو ويو، جو ان جي چوٽي وڃي آسمان کي پهتي. پوءِ اهو پوري ڌرتيءَ تي سڀ ڪنهن هنڌ ڏسڻ ۾ ٿي آيو.


پهرئين ڏينهن اوهين پنهنجي وڻن جو عمدو ميوو، کجيءَ جون ڇڙهيون، گھاٽن پنن واريون ٽاريون ۽ نهرن جون ليون کڻجو ۽ ستن ڏينهن تائين مون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ