Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اهو منهنجي قاعدن قانونن تي هليو هجي ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندي سچائيءَ واري هلت هلندو رهيو هجي. اهو ئي سچار ٻانهو آهي ۽ آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اهو مرندو ڪونہ پر جيئرو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 منهنجن قانونن تي هليو هوندو، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪئي هوندائين، ۽ سچائي جي هلت ڪئي هوندائين، اُهو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ سچار آهي ۽ جيئرو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:9
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي رهين تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ دائود وانگر پنهنجي دل جي خلوص ۽ سچائيءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندين ۽ منهنجي حڪمن تي هلندي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪندين،


سچائيءَ ۾ زندگي آهي، مگر بدڪاريءَ ۾ موت آهي.


تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن جي حڪمن تي اوهين نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪئي اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آس‌پاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي ئي عمل ڪيو آهي.“


پر انهيءَ ماڻهوءَ جو ڪو پٽ جيڪڏهن ڌاڙيل يا خوني هجي ۽ هن انهن گناهن مان سڀيئي گناهہ ڪيا هجن


اهو بڇڙائيءَ کان باز رهي ٿو ۽ وياج نہ ٿو کائي، بلڪ اهو منهنجي حڪمن کي مڃي ٿو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿو ڪري. اهو پنهنجي پيءُ جي گناهن جي ڪري نہ لوڙيندو ۽ ضرور جيئرو رهندو.


انهيءَ هوندي بہ اوهين پڇو ٿا تہ ’ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو اولاد پنهنجي والدين جي گناهن جي سزا نہ لوڙي!‘ انهيءَ جو جواب هي آهي تہ جيڪڏهن اولاد مان ڪو انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ والدين جي ڪري نہ لوڙيندو.


مون انهن کي پنهنجا قاعدا قانون ٻڌايا ۽ پنهنجي حڪمن کان آگاهہ ڪيم. جيڪڏهن ڪو انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ئي جيئرو رهي سگھي ٿو.


پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.


مثال طور اهو بدڪار پاڻ وٽ گروي رکيل شيون موٽائي ڏئي ٿو ۽ چورايل مال مالڪن کي موٽائي ڏئي ٿو. هائو، جيڪڏهن بدڪار گناهہ جي ڪمن کان ڊڄي ڪري باز اچي ٿو ۽ منهنجي شريعت تي ٿو هلي تہ اهو مرندو نہ، بلڪ ضرور جيئرو رهندو.


آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان.


سو اوهين بديءَ جا نہ، بلڪ نيڪيءَ جا طالبو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهي سگھو. پوءِ اوهين جيڪا دعويٰ ڪريو ٿا تہ ”خداوند قادرِمطلق خدا اسان سان آهي،“ سا سچي ثابت ٿيندي.


انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.


خداوند اسرائيل وارن کي ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.


لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“


تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ خدا توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪري.


انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“


پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي سکو ۽ انهن تي ضرور عمل ڪريو.


سو جيڪڏهن اسين سندس حڪم مطابق خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ سچائي ليکي ويندي.‘“


جيئن تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح سچار آهي، تہ پوءِ اوهين اهو بہ پڪ ڄاڻو تہ جيڪو بہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري تنهن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي.


سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ