Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:30 - Muslim Sindhi Bible

30 هاڻي اي بني اسرائيل! آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن موجب بدلو ڏيندس. تنهنڪري اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان باز اچو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي بڇڙائي اوهان جي برباديءَ جو سبب نہ بڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي راهہ جي موجب سندس عدالت ڪندس. اوهين موٽو ۽ پنهنجي سڀني گناهن کان توبهہ ڪريو؛ انهي طرح گناهہ اوهان جي ناس ٿيڻ جو سبب نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:30
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اوهان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان پنهنجا گناهہ باسيو ۽ سندس مرضيءَ مطابق هلو. ملڪ جي ٻين قومن کان ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي الڳ ڪريو.“


بيشڪ خدا اسان جو هر ڪيل ڪم پنهنجيءَ عدالت ۾ آڻيندو ۽ انهيءَ موجب اسان کي بدلو ڏيندو، پوءِ اهو چڱو ڪم هجي يا برو، توڙي جو اهو ڳجھيءَ طرح ڪيو ويو هجي.


پر مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ خدا نيڪن توڙي بدڪارن ٻنهي جو انصاف ڪندو، ڇاڪاڻ تہ مون ڏٺو آهي تہ مناسب وقت تي هر شيءِ ۽ هر ڪم ٿيندو رهي ٿو.


مون ورندي ڏني تہ ”هينئر صبح ٿيڻ وارو آهي، پر رات وري ٻيهر ايندي. جيڪڏهن اوهين ٻيهر پڇڻ چاهيو ٿا، تہ ڀلي وري موٽي اچي پڇو.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل! آءٌ يروشلم ۾ اوهان جي بچاءَ لاءِ ايندس ۽ انهن سڀني ماڻهن کي ڇڏائيندس، جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن.


انهن نبين چيو تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي خراب رستي ۽ بڇڙن ڪمن کان باز اچي تہ جيئن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ رهي سگھو، جيڪو ملڪ خداوند پراڻي زماني کان هميشہ هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.


اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي.


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


”آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن ملڪ ۾ آباد ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري هاڻي اي حزقي‌ايل! تون سڄي بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن کان منهن موڙي ڇڏيو.


پر جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي سڀني گناهن کان باز ايندو ۽ توبهہ‌تائب ٿيندو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان عمل ڪندو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ لوڙيندو نہ.


انهيءَ هوندي بہ اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي‘؟ سو اي بني اسرائيل! منهنجو اهو عمل ڪيئن درست ناهي؟ جڏهن تہ اوهان جا پنهنجا عمل ئي غلط آهن.


آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


انهيءَ جي باوجود بني اسرائيل چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ سو اي حزقي‌ايل! کين ٻڌائي ڇڏ تہ اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن موجب آءٌ کين اجر ڏيندس.“


جيڪڏهن تو انهن بدڪار ماڻهن کي خبردار ڪيو، تہ جيئن اهي بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿين، پر اهي توبهہ‌تائب نہ ٿيا تہ اهي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ماريا ويندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا، هائو، آءٌ ئي اوهان ٿلهين متارين زورآور ۽ ڏٻرين رڍن ٻڪرين جي وچ ۾ انصاف ڪندس.


مون هنن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو ۽ اهي دنيا ۾ دربدر ٿي ويا. مون هنن جي چال چلت ۽ افعالن موجب کين سزا ڏني.


پر جيڪڏهن هاڻي بني اسرائيل ۽ سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي مري ويل بادشاهن جا يادگار منهنجي هيڪل مان هٽائي ڇڏين، تڏهن آءٌ هميشہ جي لاءِ انهن منجھہ رهندس.


اوهان جو بادشاهہ ۽ امير آسرو لاهي ويهندا، ۽ نااميديءَ وچان پيا روئندا رڙندا، جڏهن تہ رعيت خوف وچان پيئي ڏڪندي. آءٌ سڀني کي سندن چال چلت مطابق سزا ڏيندس، هائو، آءٌ اهڙا فيصلا ڪندس، جهڙا اوهان ٻين جا فيصلا ڪيا آهن. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


اي بني اسرائيل! هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو غضب نازل ڪري انهيءَ جي پڄاڻي ڪندس. هائو، اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس. آءٌ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا اوهان جي ملڪ تي آڻيندس.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها.


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو، ۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن کي اڳين نبين پڪاري مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ هو پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ طور طريقن کان باز اچن. پر هنن مون خداوند جو فرمان ٻڌو اڻ‌ٻڌو ڪري ڇڏيو.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


۽ سڀني قومن جا ماڻهو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ هو انهن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائيندو، جيئن ريڍار پنهنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي.


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آهي، پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“


پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اها تبليغ ڪئي تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي.


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


تنهن کان پوءِ اهي نفساني خواهشون وڌي گناهہ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.


هاڻي جيڪڏهن اوهين دعا گھرندي خدا کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجي هيءَ مسافرن واري زندگي سندس خوف ۾ گذاريو.


سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.


سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا ڪتاب بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن ڪتابن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو اجر مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ