Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:29 - Muslim Sindhi Bible

29 انهيءَ هوندي بہ اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي‘؟ سو اي بني اسرائيل! منهنجو اهو عمل ڪيئن درست ناهي؟ جڏهن تہ اوهان جا پنهنجا عمل ئي غلط آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 انهي هوندي بہ اسرائيل جو گهراڻو چوي ٿو تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:29
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو خدا بہ آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟


ماڻهوءَ جي پنهنجي بي‌وقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.


”اي بني اسرائيل! اوهين پنهنجي ملڪ تي آيل مصيبت بابت اها پراڻي چوڻي ڇو استعمال پيا ڪريو تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا‘؟


انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.


جيئن تہ هو سوچي سمجھي پنهنجي سڀني ڪيل گناهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهنڪري هو يقيناً جيئرو رهندو ۽ موت جي سزا نہ لوڙيندو.


هاڻي اي بني اسرائيل! آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن موجب بدلو ڏيندس. تنهنڪري اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان باز اچو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي بڇڙائي اوهان جي برباديءَ جو سبب نہ بڻجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ