Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ئي لوڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 جيڪڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو، ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ انهي ڪري مري ٿو؛ تڏهن جيڪو گناهہ هن ڪيو آهي، انهي جي ڪري هو مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:26
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ماڻهن سچائيءَ وارا رستا ڇڏي ڏنا آهن ۽ اونداهيءَ وارن رستن تي ٿا هلن.


باقي سندس پيءُ، جنهن بي‌رحميءَ سان ظلم ڪيا، پنهنجي قوم وارن کي زور زبردستيءَ سان ڦريو ۽ پنهنجي قوم ۾ نيڪوڪار نہ رهيو، سو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ضرور لوڙيندو.


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.


وري جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي ڪيل بڇڙاين کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو ۽ منهنجي قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪري ٿو، تڏهن اهو پنهنجي موت جي سزا کان بچي وڃي ٿو.


وري جيڪڏهن سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي بڇڙائيءَ ۾ پوندا، تہ آءٌ کين اهڙين مشڪل حالتن ۾ وجھندس جو اهي مري کپي ويندا. پر جيڪڏهن تو هنن کي خبردار نہ ڪيو تہ هو پنهنجي بڇڙاين جي ڪري مرندا. آءٌ سندن ڪيل سچائيءَ وارن ڪمن کي بہ وساري ڇڏيندس. مگر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


فرض ڪريو تہ آءٌ سچار ماڻهوءَ کي چوان تہ ’تون ضرور جيئرو رهندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ تي ئي ناز ڪندي گناهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جا سچائيءَ وارا سمورا ڪم وساريا ويندا ۽ هو انهيءَ بدڪاريءَ واري ڪم جي ڪري ضرور مرندو.


جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن پنهنجي گناهن جي ڪري هو ضرور مرندو.


اهڙيءَ طرح ڪاهن سندس واسطي مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي هن کي معافي ملندي.“


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.


هر بري ڳالهہ گناهہ آهي، پر هر گناهہ جو نتيجو موت نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ