Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:25 - Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا هاڻي ٻڌو: منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:25
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


تڏهن رام خاندان جي بوز گھراڻي جو اليهو ولد براڪيل پنهنجي ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ايوب پنهنجو پاڻ کي سچو ٿي قرار ڏنو ۽ خدا تي الزام ٿي هنيائين.


”اي ايوب! ڇا تون اهو درست ٿو سمجھين، جو دعويٰ ڪري چوين ٿو تہ ’آءٌ خدا آڏو سچار ثابت ٿيندس؟‘


ڇا تون منهنجي انصاف کي باطل ثابت ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڏوهاري قرار ڏيندين؟


خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ سچار آهي. هو جيڪو بہ ڪم ڪري ٿو تنهن ۾ سندس رحم شامل آهي.


اوهان اهي ئي ڪم پئي ڪيا تہ بہ آءٌ ماٺ رهيس، سو اوهان ڀانئيو تہ آءٌ اوهان جهڙو ئي آهيان. هاڻ آءٌ اوهان کي تنبيهہ ڪري اوهان جا ڪم اوهان آڏو آڻيندس.


آسمان خدا جي سچائيءَ کي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ ئي انصاف ڪندڙ آهي.


ماڻهوءَ جي پنهنجي بي‌وقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.


اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟


جڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ئي لوڙيندو.


انهيءَ هوندي بہ اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي‘؟ سو اي بني اسرائيل! منهنجو اهو عمل ڪيئن درست ناهي؟ جڏهن تہ اوهان جا پنهنجا عمل ئي غلط آهن.


اي حزقي‌ايل! انهيءَ جي باوجود تنهنجا ماڻهو چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ جڏهن تہ هو پاڻ صحيح رستي کان هٽي ويا آهن.


انهيءَ جي باوجود بني اسرائيل چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ سو اي حزقي‌ايل! کين ٻڌائي ڇڏ تہ اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن موجب آءٌ کين اجر ڏيندس.“


پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو شريعت وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو خدا ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناهن جي خبر پوي ٿي.


پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”خدا سچو نہ آهي، جو هو غضب نازل ڪري ٿو.“


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو خلقيو آهي؟“


اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ