Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:18 - Muslim Sindhi Bible

18 باقي سندس پيءُ، جنهن بي‌رحميءَ سان ظلم ڪيا، پنهنجي قوم وارن کي زور زبردستيءَ سان ڦريو ۽ پنهنجي قوم ۾ نيڪوڪار نہ رهيو، سو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ضرور لوڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 باقي سندس پيءُ، سو بي رحميءَ سان ظلم ڪرڻ ڪري، پنهنجي ڀاءُ کي زور زبردستيءَ سان ڦرڻ ڪري، ۽ پنهنجي قوم ۾ جيڪي چڱو ناهي تنهن جي ڪرڻ ڪري، ڏسو، پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ضرور مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


اهو بڇڙائيءَ کان باز رهي ٿو ۽ وياج نہ ٿو کائي، بلڪ اهو منهنجي حڪمن کي مڃي ٿو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿو ڪري. اهو پنهنجي پيءُ جي گناهن جي ڪري نہ لوڙيندو ۽ ضرور جيئرو رهندو.


انهيءَ هوندي بہ اوهين پڇو ٿا تہ ’ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو اولاد پنهنجي والدين جي گناهن جي سزا نہ لوڙي!‘ انهيءَ جو جواب هي آهي تہ جيڪڏهن اولاد مان ڪو انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ والدين جي ڪري نہ لوڙيندو.


رڳو اهو ئي ماڻهو سزا لوڙيندو جيڪو گناهہ ڪري ٿو. نڪي اولاد والدين جي گناهن جي سزا لوڙيندو ۽ نہ وري والدين اولاد جي گناهن جي. نيڪ ماڻهوءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي سندس ڪيل بڇڙائين جي سزا ملندي.


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


جڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ئي لوڙيندو.


ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.


جيڪڏهن آءٌ تو کي بدڪارن لاءِ چوان تہ ’اهي ضرور مرندا،‘ پر جي تون انهن کي خبردار نہ ڪرين ۽ نہ وري کين تاڪيد ڪرين جو هو بدڪاريءَ واري رستي کان باز رهندي پنهنجي حياتي بچائي وٺن، تڏهن اهي بدڪار تہ پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري مرندا، پر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


عيسيٰ وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ