Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اهو نہ ڪنهن تي ظلم ٿو ڪري ۽ نہ وري ڪنهن کان اوڌر جي بدلي شيون گروي رکي ٿو. اهو ڪنهن کان زور زبردستي ڦرلُٽ نہ ٿو ڪري. اهو بکايلن کي پنهنجي کاڌي مان کارائي ٿو ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ نہ ڪنهن سان برائي ڪئي اٿس، نڪي ڪجهہ گروي ورتو اٿس، نڪي زور زبردستيءَ سان ڦرلٽ ڪئي اٿس، پر پنهنجي ماني بکايلن کي ڏني اٿس، ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي قوم وارن جون شيون بنا سبب گروي رکيون آهن، ايتري قدر جو ماڻهن جا ڪپڙا لاهي تو کين اگھاڙو ڪري ڇڏيو آهي.


تو پياسن کي پاڻي نہ ڏنو، ۽ بکايلن کان ماني روڪي رکي.


مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو تہ ڪين آهي، نڪي رنن‌زالن کي نااميد ئي ڪيو اٿم.


جڏهن بہ مون ڪنهن انگ اُگھاڙي کي مرڻينگ ڏٺو آهي، يا ڪنهن غريب کي ڪپڙن جو حاجتمند ڏٺو اٿم،


تڏهن مون کين پنهنجي ڌڻ جي رڍن جي اُن مان ٺهيل گرم ڪپڙا پهرايا آهن. تنهن تي هنن مون کي هميشہ دل سان دعا ڪئي آهي.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو.


جيڪو سخي آهي ۽ پنهنجي کاڌي مان غريبن کي ڏئي ٿو، تنهن کي خداوند برڪت عطا ٿو ڪري.


جيڪڏهن اوهان جو دشمن بکايل آهي، تہ کيس کارايو، جيڪڏهن هو اڃايل آهي تہ کيس پيئاريو.


هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي غريبن ۽ محتاجن جي پوري پوري مدد ڪري ٿي.


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


هو اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا نہ ٿو ڪري، نہ وري انهن بتن آڏو ڪيل قربانيون کائي ٿو. اهو پنهنجيءَ زال کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ عورت سان زنا نہ ٿو ڪري.


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو،


آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا پهرايا، آءٌ بيمار هئس تہ اوهان منهنجي سار سنڀال ڪئي، آءٌ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ملاقات ڪئي.‘


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.


پر جڏهن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن ٽُنڊن ۽ انڌن کي سڏ ڏج،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ