Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 18:12 - Muslim Sindhi Bible

12 مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 مسڪينن ۽ محتاجن سان ظلم ڪيو هوندائين، زور زبردستيءَ سان ڦرمار ڪئي هوندائين؛ گروي رکيل شيءِ موٽائي نہ ڏني هوندائين، ۽ بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا هوندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 18:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن. اموري جيڪي کانئس اڳ ٿي گذريا، تن کان بہ وڌيڪ هن بڇڙا ڪم ڪيا آهن ۽ سڄي يهوداہ کي پنهنجي بتن ذريعي گمراهيءَ ۾ وجھي ڇڏيو اٿائين.


غير معبودن جا اهي پوڄا گھر جيڪي يروشلم جي اوڀر ۾ ۽ برباديءَ واري ٽڪر جي ڏکڻ طرف هئا، تن جي يوسياہ بادشاهہ بي‌حرمتي ڪرائي ڇڏي. اهي پوڄا گھر بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي ديوي عستارات، موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي لاءِ جوڙايا هئا.


خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


اهو نہ ڪنهن تي ظلم ٿو ڪري ۽ نہ وري ڪنهن کان اوڌر جي بدلي شيون گروي رکي ٿو. اهو ڪنهن کان زور زبردستي ڦرلُٽ نہ ٿو ڪري. اهو بکايلن کي پنهنجي کاڌي مان کارائي ٿو ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪائي ٿو.


سو اي حزقي‌ايل! تون انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي باقي بچي ويل رهاڪؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ هي ملڪ اوهان جو آهي؟ جڏهن تہ اوهين اڃا تائين انهيءَ ملڪ ۾ رت سميت گوشت کائو ٿا، بتن جي پوڄا ٿا ڪريو ۽ خونريزي ڪندا ٿا رهو.


اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن، هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي، ۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ يهوداہ وارن جي نظر ۾ تہ اهي معمولي ڳالهيون آهن جو هو هتي ڪراهت وارا ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ ظلم وَ زبردستي برپا ڪري ڇڏي اٿن. پر هاڻي انهن ڪمن کان وڌيڪ ڪيئن نہ هو منهنجي هيءَ بي‌حرمتي ڪري مون کي چڙ ٿا ڏيارين ۽ مون کي وري غضبناڪ ڪيو اٿائون.


تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“


اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن، جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي، هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن.


اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


اوهين رن‌زال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘


پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ