1 خداوند مون حزقيايل کي بني اسرائيل لاءِ هي پيغام ڏنو تہ
1 خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ
ٻيلي جا سڀ وڻ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. آءٌ ئي آهيان جيڪو بلند وڻن کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏيان ۽ ننڍن وڻن کي وڌائي وڏو ٿو ڪريان. آءٌ ئي آهيان جيڪو سائي وڻ کي سڪائي ٿو ڇڏيان ۽ سڪل وڻ کي سائو ڪري ٿو ڇڏيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي، ۽ اهو سڀ ڪجھہ آءٌ ئي ڪري ڏيکاريندس.“
”اي بني اسرائيل! اوهين پنهنجي ملڪ تي آيل مصيبت بابت اها پراڻي چوڻي ڇو استعمال پيا ڪريو تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا‘؟