Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اهو ٻج اڀري. اهو هڪڙي ننڍي قد واري انگورن جي ول ٿي پيو. پوءِ انهيءَ ول پنهنجيون شاخون عقاب ڏانهن وڌايون ۽ هيٺ پاڙ هنيائين. انهيءَ کي تمام گھڻيون ٽاريون ۽ پنَ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پوءِ اُهو اُڀرڻ لڳو، ۽ هڪڙو ننڍي قد جو پکڙندڙ ڊاک جو وڻ ٿي پيو؛ جنهن جون ٽاريون ڏانهس ڦريون، ۽ انهي جون پاڙون سندس هيٺان هيون: انهي طرح اُهو هڪڙو ڊاک جو منهہ ٿيو، ۽ ڏار ڪڍيائين، ۽ منجهانئس ٽاريون نڪتيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


اسين انگورن جي ول جي هڪڙي ٻوٽي مثل هئاسين، جنهن کي تو مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ڪنعان مان ڌارين قومن کي ڀڄائي ڪڍي اتي ان کي لڳايو.


جڏهن ٻور مان گل ۽ گلن مان انگور مس ٿين ٿا، تڏهن فصل جي پچڻ کان اڳ جيئن ولين کي ڏاٽي سان وڍي ناس ڪيو وڃي، تيئن ئي دشمنن جا منصوبا پورا ٿيڻ کان اڳ آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ لاءِ تہ اها بادشاهت حقير ٿي وڃي ۽ وري پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي نہ سگھي، پر ساڻس ڪيل عهد اقرار تي هلندي قائم رهي.


پوءِ هن اسرائيل ملڪ مان ٻج بہ کنيو ۽ اهو آڻي جھجھي پاڻيءَ جي ڪناري واري زرخيز ٻنيءَ ۾ پوکيائين، تہ جيئن بيد جي وڻ وانگر


اتي ئي هڪڙو ٻيو وڏو عقاب پڻ رهندو هو، جنهن کي وڏا وڏا پر ۽ گھڻا کنڀ هئا. هاڻي ڇا ڏسان! تہ انهيءَ انگورن جي ول پنهنجي ٻاريءَ کي ڇڏي پنهنجيون پاڙون انهيءَ عقاب ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجيون ٽاريون انهيءَ ڏانهن وڌايائين، انهيءَ اميد سان تہ اهو ان کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪري.


اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ انگورن جي انهيءَ ول جهڙي هئي، جيڪا پاڻيءَ جي ڀر سان پوکي ويئي هئي. جھجھي پاڻيءَ جي ڪري اها گھڻين ٽارين واري ٿي پيئي، ۽ تمام گھڻو ڦر جھليائين.


سندن بادشاهت ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خسيس هوندي ۽ وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت ڪرڻ جي طاقت نہ رکندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ کي اهڙو تہ پست ڪري ڇڏيندس، جو اهي وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت هلائي نہ سگھندا.


جڏهن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاهر ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ