Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:3 - Muslim Sindhi Bible

3 کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ هڪڙو وڏو عقاب، جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون، سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو لبنان جي جبلن تي آيو، ۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ ڊگهين کنڀڙاٽين، ۽ گهڻن رنگارنگي کنڀن سان لبنان ۾ آيو، ۽ ديودار جي چوٽيءَ تي اچي ويٺو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون.


ڏسو، دشمن ڪڪرن وانگر وڌندو ٿو اچي. هن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي وانگر آهن، ۽ سندن گھوڙا عقابن کان بہ تيز آهن. اسان تباهہ ٿي وياسين، اسان برباد ٿي وياسين.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو، موآب ملڪ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو.


اوهين مغروريءَ وچان اهو سمجھي پاڻ کي ٺڳيو ٿا تہ ٻين قومن وارا اوهان کان ڊڄن ٿا. هائو، اوهين جيڪي ٽڪرن جي چرن ۾ رهو ٿا، ۽ ٽڪرن جي چوٽين تي قبضا ڪري پاڻ کي محفوظ ٿا سمجھو. پر جيتوڻيڪ اوهين عقاب جيان گھڻو مٿي رهو ٿا، تہ بہ خداوند اوهان کي اتان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


اسان جو پيڇو ڪندڙ دشمن بازن جي اُڏام کان بہ وڌيڪ تکا هئا. هنن جبلن تي بہ اسان جو پيڇو ڪيو، ۽ بيابان ۾ اسان جي تاڙ ۾ ويٺا هئا.


اها کڻي هو سوداگرن جي ملڪ ۾ ويو ۽ سندن هڪڙي شهر ۾ آڻي رکيائين.


اتي ئي هڪڙو ٻيو وڏو عقاب پڻ رهندو هو، جنهن کي وڏا وڏا پر ۽ گھڻا کنڀ هئا. هاڻي ڇا ڏسان! تہ انهيءَ انگورن جي ول پنهنجي ٻاريءَ کي ڇڏي پنهنجيون پاڙون انهيءَ عقاب ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجيون ٽاريون انهيءَ ڏانهن وڌايائين، انهيءَ اميد سان تہ اهو ان کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪري.


ڏسو، اوهين لبناني ديال جي انهيءَ وڻ وانگر آهيو جنهن جون ٽاريون تمام سهڻيون هيون، جن جي ڪري اهو ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ هو. انهيءَ جو قد ايڏو تہ وڏو هو جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان ٿي لڳي.


ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو.


اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.


پهريون جانور شينهن جهڙو هو، مگر کيس عقاب جهڙا پر هئا، جيڪي منهنجي ڏسندي ڏسندي پٽي ڪڍيا ويا. پوءِ کيس زمين کان مٿي کڻي انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو ۽ کيس انساني سوچ ڏني ويئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.


هنن جا گھوڙا چيتن کان بہ وڌيڪ تيز رفتار آهن، اهي رات جو شڪار ڪندڙ بگھڙن کان بہ وڌيڪ خوفناڪ آهن. سندن گھوڙيسوار ٽپندا ڪڏندا ٿا اچن. هائو، اهي ڏورانهين پنڌ کان ٿا اچن. اهي ائين ٿا اڏامندا اچن، جيئن باز شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ اڏامندو ايندو آهي.


جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ