Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ٻيلي جا سڀ وڻ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. آءٌ ئي آهيان جيڪو بلند وڻن کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏيان ۽ ننڍن وڻن کي وڌائي وڏو ٿو ڪريان. آءٌ ئي آهيان جيڪو سائي وڻ کي سڪائي ٿو ڇڏيان ۽ سڪل وڻ کي سائو ڪري ٿو ڇڏيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي، ۽ اهو سڀ ڪجھہ آءٌ ئي ڪري ڏيکاريندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:24
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، هر مغرور کي نيچ ڪري ڇڏ، ۽ شرير ماڻهو جتي بہ هجن اتي کين ڪچلي ڇڏ.


هو پستيءَ ۾ ڪري پيلن کي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ۽ غمگينن کي خوشحاليءَ سان سرفراز ڪري ٿو.


پر اي خداوند! ڏس، هاڻي تون پنهنجي مسح ڪيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهين. تو پنهنجي انهيءَ مخصوص ڪيل بادشاهہ کي رد ڪيو آهي، ۽ کيس ڇڏي ڏنو اٿيئي.


تو کيس جوانيءَ ۾ ئي پوڙهو بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ خواريءَ سان کيس ڍڪي ڇڏيو اٿيئي.


آءٌ خداوند تو کان تنهنجو عهدو کسي وٺندس. هائو، آءٌ تو کي تنهنجي اعليٰ مرتبي تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندس.


پر هن انهن کي بلڪل پست ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي جبل واري مضبوط شهر ۾ فخر سان ٿي رهيا. هن سندن شهر جي ڪوٽ کي ڪيرائي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.


پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند مون حزقي‌ايل کي بني اسرائيل لاءِ هي پيغام ڏنو تہ


آءٌ خداوند خدا تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون هاڻي پنهنجي شاهي پڳ ۽ تاج لاهي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هر شيءِ بدلجي ويندي. جيڪي پست آهن تن کي بلند ڪيو ويندو ۽ جيڪي بلند آهن تن کي پست ڪيو ويندو.


جڏهن آءٌ تو کان حساب وٺندس تڏهن ڇا تو ۾ ڪا همت هوندي يا تنهنجي بازن ۾ ڪا طاقت هوندي؟ اهو مون خداوند جو فرمان آهي جيڪو آءٌ پورو ڪري ڏيکاريندس.


آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تڏهن اوهان جي آس‌پاس واريون قومون جيڪي جنگ مان بچي ويل هونديون، سي ڄاڻي وٺنديون تہ مون خداوند ئي ناس ٿيل شهرن کي وري اڏايو آهي ۽ ويران ٿيل زمين کي وري آباد ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو واعدو آهي تہ آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس، هائو، ضرور ڪندس.“


آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمي ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا ڏسي تہ هارون واري لٺ جا لاويءَ قبيلي مان ڏنل هئي، سا تہ ڦٽي نڪتي آهي. منجھس مُکڙيون ۽ گل نڪتا آهن ۽ پڪل باداميون جھليون اٿس.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ بادشاهي ڪندو. هائو، سندس بادشاهي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ