Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جيڪو بني اسرائيل جي ملڪ جو مٿاهون ۽ بلند جبل آهي. اها ٽاري شاخون ڪڍندي ۽ ڦر جھليندي ۽ ديال جو هڪ عاليشان وڻ ٿي پوندي. انهيءَ ۾ هر قسم جا پکي اچي رهندا ۽ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 اسرائيل جي مٿانهين جبل تي آءٌ اها پوکيندس: ۽ اُها ڏاريون ڪڍندي، ۽ ڦر جهليندي، ۽ سهڻو ديودار ٿيندي: ۽ انهي جي هيٺان هر ڪنهن قسم جا پکي رهندا؛ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ اُهي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:23
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


اسين انگورن جي ول جي هڪڙي ٻوٽي مثل هئاسين، جنهن کي تو مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ڪنعان مان ڌارين قومن کي ڀڄائي ڪڍي اتي ان کي لڳايو.


هن جون ٽنگون سنگ مرمر جي انهن ٿنڀن جهڙيون آهن، جيڪي خالص سون جي پاون مٿان هجن. هو اهڙو تہ شاندار آهي جهڙا لبنان جا جبل. هائو، هو ديال جي وڻن جيان بي مثال آهي.


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


پنهنجيون اکيون کڻي چئني پاسن ڏانهن نهاريو. ڏسو تہ اوهان جي قوم وارا سڀيئي گڏجي واپس اوهان وٽ اچي رهيا آهن. آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ يقيناً اوهين پنهنجي قوم وارن تي ائين فخر ڪندا، جيئن ڪا ڪنوار پاڻ کي زيورن سان سينگاري فخر ڪندي آهي.“


سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن هر ڪو بني اسرائيل سندس ملڪ ۾ يروشلم شهر جي مٿاهين جاءِ يعني منهنجي پاڪ جبل تي مون خداوند خدا جي بندگي ڪندو. اتي آءٌ اوهان سان راضي هوندس ۽ اوهان منهنجي قائدن قانونن موجب مون لاءِ مخصوص قربانيون ۽ بهترين نذرانا پيش ڪندا جيڪي آءٌ قبول ڪندس.


سڀني پکين انهيءَ جي ٽارين ۾ اچي پنهنجا آکيرا ٺاهيا، سڀني جھنگلي جانورن بہ ٽارين هيٺ اچي پنهنجا ٻچا ڄڻيا، ۽ سڀيئي قومون اچي ان مضبوط وڻ جي ڇانوَ ۾ رهڻ لڳيون.


پر اي بني اسرائيل جا جبلؤ! اوهان جا سڪل وڻ وري ساوا ٿيندا ۽ ميوو جھليندا. منهنجي قوم جا ماڻهو اوهان جي وڻن جو ميوو کائيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي جلد ئي پنهنجي وطن ورڻ وارا آهن.


خدا مون کي رويا ۾ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿائين. مون ڏکڻ پاسي پنهنجي اڳيان ڪجھہ عمارتون ڏٺيون جيڪي انهيءَ جبل تي هڪڙي شهر وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيون.


نيٺ دانيال منهنجي آڏو آيو، جنهن جو نالو بابل ملڪ ۾ منهنجي معبود جي نالي پٺيان بيلطشضر رکيل آهي. دانيال ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. مون کيس پنهنجو خواب ٻڌائيندي چيو تہ


’اي بيلطشضر، جادوگرن جا سردار! مون کي خبر آهي تہ تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي ۽ ڪابہ راز جي ڳالهہ تنهنجي لاءِ مشڪل نہ آهي. سو جيڪو خواب مون لڌو آهي، سو ٻڌ ۽ انهيءَ جو تعبير مون کي ٻڌاءِ.


ڪڻڪ جي سلي جيان هو تازا توانا رهندا. اهي انگورن جي ول جيان جھجھو ڦر ڏيندا، ۽ لبنان جي مئي وانگر مشهور ٿيندا. هائو، اهي وري منهنجي ڇانوَ هيٺ رهندا.


تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


جيتوڻيڪ هو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي، تنهن هوندي بہ جڏهن ڦُٽي ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اهو وڌي وڻ وانگر ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“


پر پوکڻ کان پوءِ ڦُٽي سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“


اها سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ