حزقي ايل 17:21 - Muslim Sindhi Bible21 هن جا بهترين سپاهي جنگ ۾ مارجي ويندا ۽ باقي بچي ويل چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ڀڄي ويندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو مون خداوند جو ئي فرمان آهي.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 هن جي سڀني ٽولين ۾ هن جا جيڪي باقي رهندا، سي سڀ ڪنهن واءُ ڏانهن پکيڙي ڇڏيا ويندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو ڪلام ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ مون پروردگار کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادتگاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.