Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل کي هڪڙي نصيحت واري ڪهاڻي مثال طور ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، هڪڙي پرولي ڪڍ ۽ اسرائيل جي گهراڻي کي اهڙو مثال ٻڌاءِ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون عرض ڪندي چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کان اهو ڪم نہ ڪراءِ، ڇاڪاڻ تہ اڳي ئي هر ڪو شڪايت پيو ڪري تہ مون اهڙن مثالن سان کين منجھائي ڇڏيو آهي.“


تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ مون خداوند پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي آهي، جيڪا هاڻ موٽي مياڻ ۾ نہ ويندي.‘


سو تون منهنجي باغيءَ قوم کي بابل جي بادشاهہ جي چڙهائيءَ جي باري ۾ مون خداوند خدا جو هي پيغام مثال طور ٻڌاءِ تہ ديڳڙو چاڙهہ. هائو، ديڳڙي ۾ پاڻي وجھي، انهيءَ کي باهہ تي رک.


آءٌ نبين سان ڳالهائيندو رهيس، ۽ کين رويا مٿان رويا ڏيکاريندو رهيس، ۽ انهن نبين جي ئي وسيلي مثال ڏيئي اوهان کي سمجھائيندو رهيس.


پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.


انهيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس ۽ اهي ڳالهيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آهن.“


ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ