Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ هن منهنجو نالو وٺي قسم کنيو هو ۽ عهد اقرار ڪيو هئائين. پر هاڻي جڏهن هن اهو قسم ٽوڙي منهنجي نالي کي حقير ڄاتو آهي سو آءٌ هن کي سندس ڪيل ڪم جي سزا ضرور ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً هن منهنجي قسم جي حقارت ڪئي آهي، ۽ منهنجو عهد اقرار ڀڳو اٿس، سو آءٌ خود هن جي سر تي انهن جو نتيجو آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.


انهيءَ طرح هنن جي خون جو گناهہ يوآب ۽ سندس اولاد جي سر تي هميشہ پوندو. پر دائود، سندس اولاد، سندس گھراڻي ۽ سندس تخت لاءِ خداوند وٽان هميشہ لاءِ سلامتي هوندي.“


پر جيڪا قوم ۽ حڪومت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري نہ ڪندي ۽ پنهنجي ڳچي ان جي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجھندي، تنهن قوم کي آءٌ خداوند جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، جيستائين انهيءَ جي هٿان هنن کي بلڪل نابود ڪري نہ ڇڏيان.


پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“


جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“


انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟


تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ تو سان اهڙو ئي هلندس، جنهن جي تون لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي قسم کي حقير ڄاڻيندي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


جيئن تہ يهوداہ جي بادشاهہ پاڻ قسم کي حقير ڄاتو ۽ عهد اقرار ٽوڙيو، تنهنڪري هو سزا کان بچي ڪين سگھندو.


آءٌ پنهنجو ڄار مٿس اڇلائي کيس ڦندي ۾ ڦاسائيندس. آءٌ کيس گهلي بابل ۾ وٺي ايندس ۽ اتي سزا ڏيندومانس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان بي‌وفائي ڪئي.


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ