پوءِ ييهو اتان روانو ٿيو ۽ رستي ۾ کيس يهوناداب ولد ريڪاب گڏيو، جيڪو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو پئي. ييهوءَ کيس کيڪاريندي چيو تہ ”جيئن منهنجي دل تو سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل بہ مون سان آهي يا نہ؟“ يهوناداب وراڻيس تہ ”بلڪل آهي.“ تڏهن ييهوءَ کيس چيو تہ ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“ هن کيس هٿ ڏنو ۽ ييهوءَ کيس ڇڪي پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.