Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پر جڏهن بابل وارا يهوداہ جي شهرن تي حملو ڪندي مٽيءَ جا دِڪا ٺاهيندا ۽ مورچا اڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ يهوداہ جي ماڻهن کي ماري ڇڏين، تڏهن فرعون پنهنجي وڏي لشڪر ۽ ماڻهن جي وڏي انبوہ هوندي بہ جنگ ۾ يهوداہ جي مدد ڪري نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 نڪي فرعون پنهنجي زور واري لشڪر ۽ وڏي ميڙ سان جنگ ۾ هن لاءِ ڪجهہ ڪندو، کڻي هو بند ٻڌندا ۽ قلعا جوڙيندا، انهي لاءِ تہ گهڻن ماڻهن کي وڍي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مصر تي ڀاڙيو ويٺو آهين جيڪو هڪ ڦٿل ڪاني مثل آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان تي اَهل ڏيئي هلندو آهي تہ اهو ڪانو سندس هٿ ۾ چڀي پوندو آهي! مصر جو فرعون انهن سڀني سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا.‘“


جيتوڻيڪ يروشلم وارا بابلين سان وڙهڻ لاءِ نڪتا آهن، تہ بہ سندن گھر ۽ محل سندن ئي لاشن سان ڀرجي ويندا. هائو، انهن کي آءٌ پنهنجي قهر ۽ غضب سان ماري ڇڏيندس. شهر وارن جي تمام گھڻي بڇڙائيءَ جي ڪري مون هن شهر کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.


فرعون جو لشڪر مصر مان نڪري چڪو هو، سو يروشلم کي گھيري هيٺ رکيو ويٺل بابلين جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يروشلم کي ڇڏي هليا ويا.


۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.


سو صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن يروشلم جي ٻاهران پنهنجا خيما کوڙيا ۽ شهر جي چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين.


اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.


پوءِ انهيءَ شهر جي چوڌاري گھيرو ڏيکار جنهن ۾ مورچا، مٽيءَ جا دِڪا، لشڪرگاهہ جا تنبو ۽ ڀتين ڀڃڻ واريون مشينون بيهار.


پوءِ شام جو بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندو ۽ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٻڌي هڪ مضبوط قلعي واري شهر کي هٿ ڪري وٺندو. مصر جا سپاهي جنگ جاري رکي نہ سگھندا، بلڪ انهن جي چونڊ جوانن ۾ بہ مقابلي جي طاقت نہ هوندي.


رڳو اهي وڻ، جيڪي اوهين سمجھو ٿا تہ کائڻ جي ڪم جا نہ آهن، سي اوهين وڍي برباد ڪري منجھائن انهيءَ شهر جي سامهون حملي واسطي ديوار تائين پهچڻ لاءِ چاڙهي ٺاهجو، جيڪو شهر اوهان سان جنگ ٿو ڪري، ايستائين جو اهو هٿ اچي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ