Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:16 - Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ يقيناً جنهن بادشاهہ انهيءَ کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ۽ جنهن جي قسم کي هن حقير ڄاتو ۽ سندس عهد اقرار کي هن ٽوڙيو، تنهن جي ملڪ بابل ۾ ئي هو مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً جنهن بادشاهہ هن کي بادشاهہ ڪيو، سو جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو، جنهن جي قسم جي هن حقارت ڪئي، ۽ جنهن جو عهد اقرار هن ڀڳو، انهي سان گڏ هو بابل جي وچ ۾ مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:16
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود بادشاهہ جِبعونين کي گھرائي ساڻن ڳالهايو. اهي جِبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا بلڪ اهي باقي بچيل امورين مان هئا ۽ بني اسرائيل هنن جي حفاظت ڪرڻ جو ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو. پر سائول بني يهوداہ ۽ باقي بني اسرائيل وارن جي جوش ۾ هنن سڀني کي قتل ڪرڻ ٿي گھريو.


يهوياڪين جي جاءِ تي بابل جي بادشاهہ سندس چاچي متنياہ کي بادشاهہ بڻايو. هن سندس نالو مَٽائي صدقياہ رکيو.


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.


انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن.


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


جيڪڏهن تون انهن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ آءٌ تنهنجي سڄي ملڪ تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس.


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.


پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍائي کيس زنجيرن ۾ بند ڪرايو تہ جيئن کيس بابل ڏانهن نيو وڃي.


پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍرايون ۽ کيس زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏانهن کڻي ويو، جتي هن کيس سندس مرڻ گھڙيءَ تائين قيد ۾ رکيو.


خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ تو سان اهڙو ئي هلندس، جنهن جي تون لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي قسم کي حقير ڄاڻيندي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


بيشڪ انهيءَ ول کي پوکيو تہ ويو آهي، پر ڇا اها سرسبز بہ رهندي؟ ڇا جھولو لڳڻ سان ئي اها بلڪل سڪي سڙي نہ ويندي؟ هائو، اها تہ پنهنجي ٻاريءَ ۾ ئي ڪومائجي ويندي.“


هن يهوداہ جي بادشاهي گھراڻي جي هڪڙي ماڻهوءَ کي چونڊي ڪڍيو ۽ انهيءَ سان عهد اقرار ڪري کانئس وفاداريءَ جو قسم ورتائين. هو ملڪ جي وڏن اڳواڻن کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو.


يروشلم وارا بابل سان کنيل قسم جي ڪري يقين نہ ڪندا تہ ڦال وجھڻ جو اهڙو نتيجو نڪرندو. پر بابل جي بادشاهہ جي تلوار کين سندن ڪيل گناهن واري راهہ ياد ڏياريندي ۽ اهي بابلين جي قبضي هيٺ اچي ويندا.


اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري.


بي‌عقل، واعدو نہ پاڙيندڙ، بي‌قربا ۽ بي‌رحم ٿي پون ٿا.


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


اهي محبت کان خالي، بي‌رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن هوندا.


اسان کي ضرور کين جيئدان ڏيڻ گھرجي انهيءَ لاءِ تہ اسان ساڻن جيڪو قسم کنيو هو تنهن جي ٽوڙڻ ڪري اسان تي غضب نازل نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ