Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پر يهوداہ جي بادشاهہ ساڻس بغاوت ڪئي ۽ پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ هو کيس گھوڙا ۽ وڏو لشڪر ڏياري موڪلي. ڇا اهو بادشاهہ ڪامياب ٿيندو؟ ڇا هو اهڙا ڪم ڪري بابل جي بادشاهہ کان بچي ويندو؟ ڇا هو عهد اقرار ٽوڙي سزا کان بچي سگھندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:15
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.


نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


پوءِ ڇا اهڙي بڇڙائي ڪرڻ جي باوجود هو ڇٽي ويندا؟ اي خدا! تون پنهنجي غضب سان انهن قومن کي ڪيرائي ڇڏ.


ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.


تون سمجھين ٿو تہ تو کي سٺي حڪمت عملي ۽ فوجي طاقت آهي، اهي تہ رڳو لفظ آهن. آخر تو ڪنهن جي آسري تي مون سان بغاوت ڪئي آهي؟


بادشاهہ صدقياہ بابلين جي هٿان بچي نہ سگھندو، پر يقيناً بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو. صدقياہ کي پڪڙي سندس آڏو آندو ويندو، جتي هو ساڻس ڳالهائيندو.


تون بہ هن جي هٿان بچي نہ سگھندين، بلڪ يقيناً پڪڙيو ويندين ۽ ان جي حوالي ڪيو ويندين. تو کي بابل جي بادشاهہ آڏو آندو ويندو ۽ هو تو سان ڳالهائيندو. پوءِ تو کي بابل ڏانهن نيو ويندو.


پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


جيئن تہ يهوداہ جي بادشاهہ پاڻ قسم کي حقير ڄاتو ۽ عهد اقرار ٽوڙيو، تنهنڪري هو سزا کان بچي ڪين سگھندو.


اتي ئي هڪڙو ٻيو وڏو عقاب پڻ رهندو هو، جنهن کي وڏا وڏا پر ۽ گھڻا کنڀ هئا. هاڻي ڇا ڏسان! تہ انهيءَ انگورن جي ول پنهنجي ٻاريءَ کي ڇڏي پنهنجيون پاڙون انهيءَ عقاب ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجيون ٽاريون انهيءَ ڏانهن وڌايائين، انهيءَ اميد سان تہ اهو ان کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪري.


هاڻي اي حزقي‌ايل! مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون سمجھين ٿو تہ اها انگورن جي ول سرسبز رهندي؟ ڇا پهريون عقاب انهيءَ جون پاڙون پٽي ۽ انهيءَ جو ميوو وڍي نہ اڇلائيندو؟ اهو عقاب انهيءَ لاءِ ائين ڪندو تہ جيئن اها ول ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا سڀيئي تازا نڪرندڙ پن سڪي سڙي وڃن. انهيءَ کي پاڙن کان پٽي ڪڍڻ لاءِ وڏيءَ طاقت يا گھڻن ماڻهن جي ضرورت نہ پوندي.


اي بڇڙا ۽ پليت اسرائيل جا بادشاهہ! تنهنجو ڏينهن، هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.


سو هوءَ پنهنجي انهن يارن تي مرڻ لڳي جيڪي گڏهن ۽ گھوڙن جيان مست زناڪار هئا.


بني اسرائيل وري ڪڏهن بہ انهن تي نہ ڀاڙيندا. حقيقت ۾ جڏهن اهي ياد ڪندا تہ مصرين سان ڇا ڇا وهيو واپريو، تڏهن مڃيندا تہ هنن مصرين ڏانهن مدد لاءِ واجھائي وڏي بڇڙائي ڪئي هئي. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


ڇاڪاڻ تہ هنن جڏهن تو کي هٿ ۾ ٿي جھليو، تڏهن تون ٽٽي ٿي پئين ۽ سندن ڪلها زخمي ڪري ٿي وڌءِ. جيئن ڪانن جي لٺ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي، ۽ ٽيڪ ڏيڻ واري جي چيلهہ ڪمزور ٿي لڏي وڃي ٿي. تيئن ئي جڏهن هنن تو تي ٽيڪ ٿي ڏني، تڏهن تو هنن جي ڪابہ مدد نہ ٿي ڪئي.


اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين دوزخ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو.


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


اسان کي ضرور کين جيئدان ڏيڻ گھرجي انهيءَ لاءِ تہ اسان ساڻن جيڪو قسم کنيو هو تنهن جي ٽوڙڻ ڪري اسان تي غضب نازل نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ