Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 17:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ”اي حزقي‌ايل! هاڻي تون انهيءَ باغي قوم کان پڇ تہ ’ڇا اوهين انهن ڳالهين جي معنيٰ نہ ٿا سمجھو؟‘ هنن کي چئُہ تہ ’ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم تي چڙهائي ڪري آيو ۽ اتي جي بادشاهہ ۽ سندس اميرن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ بابل ڏانهن وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 17:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.


پوءِ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ ’انهيءَ رسم مان اوهان جو ڪهڙو مقصد آهي؟‘


خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.


سندن بهادر، جنگي جوان، جج، نبي، فال وجھڻ وارا، اڳواڻ،


تنهنجي پنهنجي اولاد مان ڪيترن ئي کي قيد ڪري نيو ويندو ۽ کين نامرد بڻائي بابل جي بادشاهہ جي محل ۾ خواجہ‌سرا ڪري رکيو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي بابل ملڪ ۾ جلاوطنيءَ جي پنجين سال، مهيني جي پنجين ڏينهن،


کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ هڪڙو وڏو عقاب، جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون، سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو لبنان جي جبلن تي آيو، ۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.


پر اي آدمزاد! جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو تون ٻڌ. تون هنن باغين وانگر باغي نہ ٿيءُ، بلڪ پنهنجو وات کول ۽ جيڪي آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون کاءُ.“


ٻئي ڏينهن جڏهن ماڻهن اهو سڀ ڏٺو تڏهن مون کان پڇيائون تہ ”تون پنهنجيءَ زال لاءِ ڇو نہ ٿو روئين رڙين؟ ان مان اسين ڇا سمجھون؟“


آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“


جڏهن تنهنجي قوم جا ماڻهو تو کان پڇن تہ ’اسان کي ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟‘


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان هي سڀ ڳالهيون سمجھيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو.“


اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ مون اوهان کي مانيءَ بابت نہ چيو آهي؟ بلڪ ائين چيو اٿم تہ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ڪجو.“


پوءِ عيسيٰ انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين هي مثال نہ ٿا سمجھو؟ تہ پوءِ اوهين ٻين مثالن جو مطلب ڪيئن سمجھندا؟


پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


تڏهن فلپس ڊوڙي اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي اوهين پڙهو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“


ايندڙ زماني ۾ جڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟‘


پوءِ يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ ”ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هنن پٿرن جو مطلب ڇا آهي؟‘


انهيءَ لاءِ تہ اهي پٿر اوهان سڀني جي لاءِ هڪڙي يادگيري ٿين. جڏهن ايندڙ وقت ۾ اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هنن پٿرن جو ڪهڙو مطلب آهي؟‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ