Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگھيس ۽ تو کي تنهنجي ڄم جي رت ۾ ليٿڙندي ڏٺم، تڏهن جيتوڻيڪ تون ڄم جي رت ۾ ٻڏل هئينءَ تہ بہ تو کي مرڻ نہ ڏنم، بلڪ تو کي چيم تہ ”جيئري رهہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگهيس، ۽ توکي رت ۾ ليٽندو ڏٺم، تڏهن توکي چيم، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ؛ هائو مون توکي چيو، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.


بلڪ آءٌ اهو پيالو انهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جيڪي اوهان کي ڏکوئين ٿا، ۽ جن اوهان جي پٺيءَ کي ڌرتي، بلڪ لنگھي وڃڻ وارن لاءِ سڙڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هائو، اهو پيالو آءٌ انهن کي پيئاريندس، جيڪي اوهان کي چون ٿا تہ ’هيٺ جھڪو تہ اسين اوهان جي مٿان لنگھي وڃون.‘“


ڪسبياڻيءَ طور پنهنجي ڪراهت جهڙي زندگي گذارڻ دوران تو ڪڏهن هڪڙو دفعو بہ پنهنجي ننڍپڻ کي ياد نہ ڪيو، جڏهن تون ننگي ۽ اگھاڙي پيئي هئينءَ ۽ ڄم جي رت ۾ پئي ليٿڙينءَ.‘“


ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي تو تي ايترو قياس بہ نہ پيو جو انهن ڪمن مان ڪو هڪڙو ئي تنهنجي لاءِ ڪري ۽ تو لاءِ ڪا شفقت ڏيکاري، بلڪ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، انهيءَ ڏينهن ئي تنهنجو بدن اهڙو نفرت جهڙو هو جو تو کي کُليل ميدان ۾ کڻي اڇلايو هئائون.


۽ جھنگ جي ٻوٽن وانگر وڌندي رهہ.“ سو تون وڌي بالغ ٿينءَ. تنهنجيون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجو بدن ڀرجي ويو. پر پوءِ بہ تون اگھاڙي ۽ ننگي ئي رهينءَ.


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘


خدا پاڻ موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنهن تي ٻاجھہ ڪندس.“


سو جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي، تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئجو تہ ’اسان جي سچائيءَ جي ڪري خداوند اسان کي هن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هتي آندو آهي.‘ بلڪ حقيقت ۾ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند کين ڀڄائي ٿو ڪڍي.


تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بي‌حرمتي ڪيائين!


شهر کان ٻاهر انهيءَ حوض ۾ انگور پيڙيا ويا تہ انهن مان رت نڪتو، جيڪو ايترو تہ هو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ ٽي سؤ ڪلوميٽرن تائين وهي هليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ