حزقي ايل 16:53 - Muslim Sindhi Bible53-55 خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آسپاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آسپاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible53 ۽ آءٌ وري هنن جا قيدي بحال ڪندس، يعني سدوم ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ سامريا ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ انهن جي وچ ۾ تنهنجا قيدي: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو. يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس، يعني اوهان جي اولاد کي سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس. اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا. اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.