Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:44 - Muslim Sindhi Bible

44 ماڻهو تو بابت هي پهاڪو ڪم آڻيندا تہ ’جهڙي ماءُ تهڙي ڌيءَ.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 ڏس، جيڪو پهاڪو ڪم ٿو آڻي سو هي پهاڪو تنهنجي برخلاف ڪم آڻيندو، ۽ چوندو تہ جهڙي ماءُ آهي اهڙي سندس ڌيءَ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:44
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اخي‌اب نابوت جي مرڻ جي ڳالهہ ٻڌي تڏهن وڃي سندس انگورن جي باغ تي قبضو ڪيائين.


اتي غير معبودن وارين قربان‌گاهن تي هو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا، جيئن غير قومون ڪنديون هيون جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو. هنن بتن جي پوڄا ڪئي توڙي جو خداوند کين ائين ڪرڻ کان روڪيو هو. هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ وارا ٻيا برا ڪم بہ ڪيا.


هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.


پر يهوداہ وارن ڌيان نہ ڏنو ۽ منسيءَ بہ هنن کي گمراهہ ڪيو، تان جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪري ڇڏيو هو.


انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آس‌پاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل ڇو اها چوڻي دهرائيندا ٿا رهن تہ ’ڏينهن تہ گذرندا پيا وڃن ۽ ڪابہ اڳڪٿي پوري نہ ٿي ٿئي؟‘


تنهنڪري هاڻي تون انهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ مون خداوند خدا جو فرمان آهي تہ آءٌ اها چوڻي ختم ڪرائي ڇڏيندس. اها اڳتي وري بني اسرائيل ۾ پهاڪي طور ڪم نہ ايندي. انهيءَ جي بدران تون کين چئُہ تہ ’اهي ڏينهن اچي پهتا آهن جو هر اڳڪٿي سچي ثابت ٿيندي.‘


تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.


تون سچ پچ پنهنجي انهيءَ ماءُ جي ڌيءَ آهين، جنهن پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي اولاد کان نفرت ٿي ڪئي. هائو، تون پنهنجي انهن ڀينرن جي ڀيڻ آهين، جن پنهنجي مڙسن ۽ پنهنجي اولاد کي ڌڪاريو ٿي. ڄڻ تہ تنهنجي ماءُ حتي هئي ۽ تنهنجو پيءُ اموري هو.


جيئن اڳئين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي تہ ’بڇڙن کان ئي بڇڙائي ٿئي ٿي.‘ سو منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ