Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:40 - Muslim Sindhi Bible

40 هو تو تي ماڻهن جا ميڙ آڻي تو کي سنگسار ڪري ماريندا ۽ تنهنجي لاش کي پنهنجي تلوارن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 هو توتي هڪڙي جماعت بہ وٺي ايندا، جي پٿرن سان توکي سنگسار ڪندا، ۽ پنهنجون تراريون تو مان لنگهائي ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:40
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


پوءِ انهن کيس اگھاڙو ڪري ڪڍي ڇڏيو ۽ هن کان سندس پٽ ۽ ڌيئرون کسي تلوار سان قتل ڪري ڇڏيائونس. اهڙيءَ طرح هوءَ عورتن ۾ هڪڙو پهاڪو بڻجي ويئي ۽ اهي هر هنڌ کيس مليل سزا جو ذڪر ڪرڻ لڳيون.


آءٌ پنهنجي غيرت سببان تنهنجو مخالف بڻجي ويندس. اهي تو سان ڏاڍي سختيءَ سان پيش ايندا. اهي تنهنجو نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيندا ۽ تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. هائو، اهي تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر تو کان کسي کين جيئرو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


اهو لشڪر انهن کي سنگسار ڪندو ۽ پنهنجي تلوارن سان کين قتل ڪري ڇڏيندو. هو سندن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ڪهي ڇڏيندا ۽ سندن گھر ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ