Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهنجي ڄمڻ جو احوال هن طرح آهي جو جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن ڪنهن بہ تنهنجو ناڙو نہ وڍيو، نڪي ڪنهن تو کي غسل ڪرائي صاف ڪيو. نڪي ڪنهن تنهنجي بدن کي لوڻ سان مهٽيو ۽ نہ وري ڪنهن تو کي ڪپڙي ۾ ويڙهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ تنهنجي ڄمڻ جو احوال هي آهي: تہ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن تنهنجو ناڙو نہ وڍيو ويو، ۽ نہ توکي پاڻي ۾ غسل ڏيئي صاف ڪيائون؛ توکي اصل لوڻ نہ لاتائون، ۽ نہ توکي تنجڻ ۾ ويڙهيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 16:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.


اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين، تڏهن تو منهنجي دشمنن کي منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو، جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي. دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“


تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.


پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.


پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان.


ائين نہ ٿئي جو سندس ڄمڻ جي وقت وانگر آءٌ کيس بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيان، يا ائين نہ ٿئي جو آءٌ کيس بيابان جهڙو ويران ڪري ڇڏيان. هائو، آءٌ کيس ٺوٺ زمين جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ پياسو ڪري ماريانس.


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“


هن پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.


ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.


’آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو جتي اوهين غلام هئا.


تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اڳئين زماني ۾، اوهان جا ابا ڏاڏا توڙي تارح، ابراهيم ۽ نحور جي پيءُ جي وقت تائين فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر رهندا هئا، جتي هو ٻين معبودن جي پوڄا ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ