هنن پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئر قربانيءَ طور باهہ ۾ ساڙي ڇڏيون ۽ فالن ۽ جادوگرين کان ڪم ورتائون. هنن پاڻ کي اهڙن ڪمن جي حوالي ڪيو جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ اهڙيءَ طرح هن کي ڪاوڙايائون.
هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو. هو جادو ڪندو هو ۽ فالون وجھندو هو. هن ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واسطا پڻ رکيا. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.
هن هنوم ماٿريءَ ۾ غير معبودن واسطي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي هلي پنهنجي پٽن کي ساڙڻ واريءَ قربانيءَ طور پيش ڪيائين.
اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بيحرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.